| سڪرنڊ مان صحافي جو اغوا ڄاڻايل پٽ بازياب |
سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ مان صحافي جو اغوا ڄاڻايل پٽ بازياب، ان ڏس ۾ سڪرنڊ مان هڪ ڏينهن اغوا ٿيل صحافي علي بهار جو پٽ 16 سالن جو حسنين ملاح ڳوٺ ڇپر خان کوسو ۾ ڪيلي جي باغ مان هٿ آيو, پوليس نينگر کي هٿ ڪري سڪرنڊ ٿاڻي تي منتقل ڪيو. جتي سندس وارثم شهري اتحاد جا اڳواڻ ۽ شهري پهچي ويا، هوڏانهن ايس ايڇ او عبداللطيف ٿهيم چيو ته اسان ڳجهي اطلاع تي ڳوٺ ڇپر خان کوسو ۾ ڪيلي جي باغ تي ڇاپو هڻي حسنين ملاح کي هٿ ڪيو آهي جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويا. هوڏانهن نينگر جي والد صحافي علي بهار ملاح نامعلوم جوابدارن خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو هو