سڪرنڊ واسي شاگرد راهول جنڊاوڙو جي اغوا ۽ قتل جو ڪيس داخل: جي آءِ ٽي به قائم

سڪرنڊ واسي شاگرد راهول جنڊاوڙو جي اغوا ۽ قتل جو ڪيس داخل: جي آءِ ٽي به قائم

 سڪرنڊ(رپورٽ: نياز چانڊيو) سڪرنڊ واسي فرسٽ ايئر جي شاگرد راهول جنڊاوڙو جي لنڊو شاخ مان لاش هٿ اچڻ بعد اغوا ۽ قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف  ايس ايس پي بينظيرآباد واقعي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي آهي. ان ڏس ۾ قتل ٿيل راهول جي والد ٻيجل جنڊاوڙو سڪرنڊ ٿاڻي تي قلم 302 ۽ 201 تحت نامعلوم جوابدارن مٿان ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي، هوڏانهن  مقتول شاگرد جو  تڏو محرابپور روڊ تي وڇايو ويو آهي. تڏي تي موجود مقتول جي والد ٻيجل چيو آهي ته منهنجو پٽ 11 ڏينهن اڳ گم ٿيو هو، جنهن کي قتل ڪيو ويو آهي، ڊاڪٽر مطابق لاش چار ڏينهن پراڻو آهي، مندر انتظاميه سميت مختلف رخن کان جاچ ٿيڻ گهرجي، هوڏانهن شهري اتحاد جي صدر سانول ڪيريو، استاد عبدالقادر گبول، سماجي اڳواڻ سدورو ڪيريو واقعي جي  اعليٰ سطحي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. ٻئي  پاسي ايس ايس پي شبير سيٺار  واقعي جي جاچ لاءِ جي آئي ٽي  جوڙي آهي، جنهن  ۾اشفاق باجوده ڊي ايس پي سڪرنڊ، امان الله سومرو ايس ايڇ او سڪرنڊ، ڊي ايس پي طلال انچارج سي آءِ اي ، ايس ايڇ او ايئرپورٽ ، انچارج ڊي آءِ سي شامل هوندا جي آءِ  ٽي 72 ڪلاڪن اندر رپورٽ پيش ڪندي