| سڪرنڊ: والد ۽ چاچي پاران ٽنگون ڀڳل صوبيا شاهه جو اڄ جرڳو |
سڪرنڊ( ن پ ا) نوشهري فيروز ۾ ڏيڍ سال اڳ سيده صوبيه بتول شاهه جون والد ۽ چاچي پاران تشدد ڪري ٽنگون ضايع ڪرڻ واري واقعي جو فيصلو اڄ سڪرنڊ ۾ چانڊيا هائوس تي حاجي علي نواز چانڊيو جي سرپئنچي ۾ ٿيندو. ٻنهي ڌرين پاران اهڙي رضَامندي ظاهر ڪئي آهي. نوشهروفيروز جي گل ٽائون جي رهواسڻ سيد صوبيه بتول شاهه کي 24 جولاءِ 2024ع تي سندس والد ، چاچن ۽ سئوٽن سخت تشدد ڪري ٽنگن کان معذور ڪيو هو، انهي واقعي خلاف سنڌ سميت پوري پاڪستان ۾ سخت احتجاج ڪيو ويو هو. سيد صوبيه بتول شاهه نوشهروفيروز ٿاڻي تي پنهنجي والد غلام مصطفيٰ شاهه ، چاچي محمد علي شاهه ، سئوٽن قربان شاهه ، شهنشاهه ، عرفان شاهه ، مشتاق شاهه تي ڪيس داخل ڪرايو هو، اهو ڪيس نوشهروفيرز جي عدالت ۾ هلندڙ آهي.