| سڪرنڊ ويجهو شادي ڪاڄ ۾ فائرنگ: ٻالڪ فوت: ڪهرام |
سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ويجهو شادي ڪاڄ ۾ فائرنگ: ٻالڪ فوت: ڪهرام، ان ڏس ۾ ڳوٺ علي خان بروهي ۾ شادي ڪاڄ ۾ فائرنگ سبب والد سان گڏ ڀت کائڻ آيل 8 سالن جو معصوم علي غلام ولد برڪت جمالي سخت زخمي ٿي پيو. جنهن نوابشاهه اسپتال ۾ دم ڏنو، ٻالڪ جو لاش ڳوٺ عبدالله جمالي پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، فوتي ٻالڪ جي والد برڪت جمالي ٻڌايو ته شادي ڪاڄ ۾ اتفاقي واقعو پيش آيو.