| سڪرنڊ ويجهو نانگ ڪکڻ سبب نوجوان هاري فوت: ڪهرام |
سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ويجهو نانگ ڪکڻ سبب نوجوان هاري فوت: ڪهرام، ان ڏس ۾ سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ مير خان لغاري ۾ 40 ورهين جو هاري محمد حسن خاصخيلي نانگ ڪکڻ ڪري بيهوش ٿي ويو، جنهن کي فوري طور تعلقه اسپتال سڪرنڊ آندو ويو. جتي علاج جون سهولتون نه هئڻ ڪري کيس نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو. جتي هن دم ڏنو، سندس لاش ڳوٺ مير خان لغاري پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو