سڪرنڊ ويجهو ڪچو شراب واپرائڻ سبب 4 ڄڻا فوت، 3 ڄڻن جي حالت خراب، اسپتال داخل

ڊسمبر 10, 2024

سڪرنڊ (رپورٽ: نياز چانڊيو) سڪرنڊ ويجهو ڪچو شراب پيئڻ سبب 4 ڄڻا فوت، 3 ڄڻن جي حالت خراب، بيهوشي حالت ۾ اسپتال داخل، پوليس خاموش، ڪا به ڪارروائي نه ڪئي، خبر موجب پنهل خان  چانڊيو ٿاڻي جي حد ۾ مختلف ڳوٺن ۾ ڪچو شراب واپرائڻ سبب 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي بيهوش آهن، جن جي حالت خراب ٻڌائي پئي وڃي، ڪچو شراب واپرائڻ سبب فوت ٿيلن ۾ ڳوٺ ستپڙي واسي پورهيت 50 سالا مشتاق علي جوکيو، ڳوٺ خير محمد کوسو واسي پورهيت 30 سالا مور علي کوسو، ڳوٺ الهه بخش مگسي واسي 40 سالا ڊرائيور انتظار کوسو  ۽ ڳوٺ داد واهه واسي 35 سالا عبدالسلام چانڊيو شامل آهن، جڏهن ته ڳوٺ امام بخش بروهي واسي ٻه ڄڻا عمران بروهي ۽ محمد موسيٰ بروهي، ڳوٺ غلام علي چانڊيو واسي محمد يوسف چانڊيو جي حالت خراب ٿي وئي آهي، جن کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي، فوتين جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي پوليس شراب وڪرو ڪندڙن خلاف ڪا ڪارروائي ڪئي هئي، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، جلد ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪري کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

Leave A Comment