سڪرنڊ: پئي ٻيلي ۾ ڪتن 4 ناياب هرڻ ماري ڇڏيا، بااثرن کي شڪار ڪرائڻ جو چوٻول

جنوري 20, 2025

سڪرنڊ (رپورٽ: نياز چانڊيو) سڪرنڊ جي پئي ٻيلي ۾ 27 ناياب نسل جي هرڻن مان 4 هرڻ مبينا طور ڪتا کائي ويا، پئي فاريسٽ جي ذريعن مطابق مبينا طور بااثرن کي اڳ به  شڪار ڪرائي هرڻ کين تحفي طور ڏنا ويا آهن، رابطي ڪرڻ تي فاريسٽ  آفيسر عبدالفتاح کوسو ٻڌايو ته کاردار تارن جي چوديواري ۾ واڙيل هرڻن تي ڪتن حملو ڪيو، جنهن سبب اهي مري ويا، جن  کي اسان زمين ۾ پوري ڇڏيو آهي، جڏهن ته حملو ڪندڙ ڪتن کي اسان مارائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته رينجر محمد رفيق شيخ چيو ته اھڙو ڪو به واقعو پيش ناھي آيو، ڪو به ھرڻ يا ڦاڙهو گم ناھي ٿيو،  اھي رڳو افواهه آهن، هوڏانهن علائقي واسين جو چوڻ آهي ته هتي مچ ڪچهريون ٿين ٿيون، مختلف پروگرام ڪيا وڃن ٿا، جتي بااثرن کي تترن جو شڪار پڻ ڪرايو وڃي ٿو، ٿي سگهي ٿو ڪنهن بااثر کي شڪار ڪرائي بعد ۾ ڪتن جو حملو ڄاڻايو ويو هجي، سڄاڻ ڌرين مطالبو ڪيو آهي ته هرڻن کي گم ڪرڻ يا شڪار ڪرائڻ واري معاملي جي جاچ ڪرائي وڃي.

Leave A Comment