سڪرنڊ ڀرسان خوفناڪ حادثو: 2 ڀائرن سميت 4 نوجوان فوت: گاڏيون لاش چيڀاٽينديون رهيون 

  سڪرنڊ ڀرسان خوفناڪ حادثو: 2 ڀائرن سميت 4 نوجوان فوت: گاڏيون لاش چيڀاٽينديون رهيون 

سڪرنڊ (رپورٽ: نياز چانڊيو ) سڪرنڊ ڀرسان خوفناڪ حادثو: ٻن ڀائرن سميت 4  نوجوان فوت، لاش اڌ ڪلاڪ تائين قومي شاهراهه تي پيل رهيا. ان ڏس  ۾ سڪرنڊ ويجهو پيالا هوٽل ڀرسان قومي شاهراهه تي  ڳوٺ اول ڇڇر کان سڪرنڊ ايندڙ موٽر سائيڪل سوار 4 نوجوانن  کي نامعلوم گاڏي  ٽڪر هڻي  فرار ٿي وئي ، حادثي جي نتيجي ۾ 4 نوجوانن ٿڏي تي دم ڏنو ، لاش اڌ ڪلاڪ تائين قومي شاهراهه تي پيل رهيا. سڪرنڊ توڙي موٽروي پوليس پاران لاشن کي اسپتال منتقل ڪرڻ لاءِ ڪو به تحرڪ نه ورتو، لاش روڊ تي پيل هئڻ ڪري پويان ايندڙ گاڏيون لاشن مٿان چڙهي ويون. جنهن بعد همدرد ايمبولينس اطلاع تي پهچي لاشن کي تعلقي اسپتال آندو.  جتي سندن سڃاڻپ ڳوٺ اول ڇڇر واسين 20 سالن جي  سهيل ولد منٺار کوکر ،سندس ڀاءُ 11 سالن جي سليمان ولد منٺار کوکر، 16 سالن جي  شرف الدين ولد مير حمزه لاکو ۽ 14 سالن جي امام بخش ولد پپو کوکر طور ٿي. چارئي لاش  ضروري ڪارروائي بعد سندن اباڻي ڳوٺ اول ڇڇر  پهچايا ويا، جتي ڪهرام مچي ويو ، اسپتال پهتل  ايم پي اي سڪرنڊ غلام قادر چانڊيو چيو ته هي ڏکائيندڙ واقعو آهي. لاش روڊ تي پيل رهيا، انهي جي جاچ ڪرائينداسون ته ڪنهن جي ڪوتاهي سبب لاش دير سان اسپتال منتقل ڪيا؟ هن چيو ته  قومي شاهراهه جي حالت خراب آهي، آئون پنهنجي اعليٰ قيادت کي گذارش ڪندس  ته عوام خاطر اپوزيشن ۾ ويهجي. هن چيو ته اسپتالن ۾ سڀ ڪجهه موجود آهي پر انتظاميه جي نااهلي سبب اسپتالن مان عوام کي فائدو نه پهچي رهيو آهي. انتظاميه کي ٺيڪ ڪرڻو پوندو.
 

موٽروي پوليس وارا حادثو ڏسي هليا ويا!
 

سڪرنڊ: موٽروي پوليس موجب نامعلوم گاڏي جي ٽڪر لڳڻ ڪري چارئي ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي،  هوڏانهن علائقي واسين پوليس جي گاڏي کي روڪي چيو ته 4نوجوانن کي چيڀاٽي ماريندڙ ٽرالر کي پڪڙيو، موٽروي پوليس وارا حادثو ڏسي هليا ويا
 

چارئي نوجوان ڪبوترن جا شوقين ھئا: مائٽ 
 

نيوسعيد آباد: فوتي نوجوانن جي  وارثن جو چوڻ آھي ته چارئي نوجوان ڪبوترن جا شوقين ھئا، اهي  ڪبوتر ۽ بيٽ بال وٺڻ سڪرنڊ پي ويا ته روڊ خراب ھئڻ ڪري چيلي ۾ سلپ ٿي ڪريا، پويان ايندڙ ٽرالر سندن مٿان چڙھي ويو