سڪرنڊ ڀرسان ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ سچوا ڪلب کٽي ورتو

سڪرنڊ ڀرسان ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ سچوا ڪلب کٽي ورتو

سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ڀرسان  ڳوٺ پير پريل شاھ ۾ شھيد راڻي بينظير ڀٽو جي ياد ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ 10 ٽيمن حصو ورتو. فائنل ۾ ملاح اليون ۽ سچوا ڪرڪيٽ ڪلب وچ ۾ مقابلو ٿيو. ملاح اليون پھرين بيٽنگ ڪندي 10 اوورن ۾ 7 وڪيٽن تي 97 رنسون ٺاهيون. نصير ملاح 25 بالن تي 47 رنسون ٺاهيون. حسن علي 15 رنسن عيوض 2 وڪيٽون ورتيون. سچوا اليون جي اوپنر جاويد عرف گُپٽيل، اياز علي بھترين راند ڪئي. اياز چانڊيو 18 بالن تي 30 رنسون ٺاهي مين آف دي مئچ، مين آف دي سيريز حب علي ملاح رهيو. يونين ڪاؤنسل فتح پور جي چيئرمين محمدين چانڊيو سچوا اليون جي ڪپتان محب علي چانڊيو کي ونر ٽرافي جڏهن تہ سينئر صحافي نياز چانڊيو پاران ڪپتان حب علي ملاح کي رنر ٽرافي ڏني وئي.