سڪرنڊ : ڊپٽي اسپيڪر جو چوڪيدار ماريندڙن تي سوا ڪروڙ ڏنڊ 

سڪرنڊ : ڊپٽي اسپيڪر جو چوڪيدار ماريندڙن تي سوا ڪروڙ ڏنڊ 

سڪرنڊ)ن پ ا(  سڪرنڊ ۾ 4 مھينا اڳ قتل ٿيل چوڪيدارمولابخش خاصخيلي جو جرڳو: چورن مٿان ھڪ ڪروڙ ٽيٽيھ لک اٺاويھه ھزار ست سئو ٽيھه رپيا ڏنڊ مقرر، ان ڏس ۾ سڪرنڊ ۾ سيد ڪاٽن فيڪٽري ۾ 4 مھينا اڳ چورن ھٿان قتل ٿيل چوڪيدار مولابخش خاصخيلي جو فيصلو ڪراچي ۾ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي بنگلي تي فيڪٽري مينيجر دولت رام ۽ علي گل جلالاڻي جي سرپنچي ۾ ٿيو، جنھن ۾ اقبال سولنگي  ۽ سندس ساٿين تي ڏوھه ثابت ٿيڻ تي خون بھا جا اٺانوي لک اٺاويھه ھزار ست سو ٽيھ رپيا ڏنڊ مقرر ڪيوويو. جڏھن ته  فيڪٽري مان چوري ڪرڻ جا 27 لک رپيا ۽ قتل ٿيل چوڪيدار جي وارثن پاران ڪيس ۾ ڪيل خرچ جا 8  لک مقرر ڪيا ويا، ڏوھي ڌر پاران آيل سردار اسرار سولنگي، گلزار ڪليري، نواب سراج لغاري ۽ رجب برفت ۽ مقتول مولا بخش خاصخيلي جي پنجن پٽن فيصلو قبول ڪيو.