| سڪرنڊ ۾ شاگرد جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جمعي تي ڌرڻي جو اعلان |
سڪرنڊ(ن پ ا) سڪرنڊ ۾ شاگرد راهول جنڊاوڙو جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن پاران آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي وئي. جنهن ۾ جنڊاوڙا برادري، هندو پوج پنچائت سميت سياسي سماجي ڌرين شرڪت ڪئي. فيصلو ڪيو ويو ته جمعو 16 جنوري تي سڪرنڊ ٿاڻي آڏو ڌرڻو هڻڻ ۽ مرحلي واري تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو. راهول جنڊاوڙو جي والد ٻيجل جنڊاوڙو چيو ته 20 ڏينهن گذرڻ باوجود منهنجي معصوم ٻچي راهول جا قاتل پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي نه ئي معاملو حل ڪري سگهي آهي. قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري تائين اسين سک سان نه ويهنداسين. شهري اتحاد سڪرنڊ جي صدر سانول ڪيريو چيو ته راهول جي قاتلن کي گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي. ايس يو پي جي ايوب کوسو چيو ته آخر راهول جا قاتل ڪڏانهن گم ٿي ويا آهن زمين کائي وئي يا آسمان. چونڊيل نمائندن جي خاموشي سواليه نشان بنيل آهي. جسقم جي مسعود شاهه چيو ته انصاف جي لاءِ ايس ايس پي آڏو ڌرڻو هڻڻ گهرجي. ايس ٽي پي جي حسين ڪيريو چيو ته جڊيشنل انڪوائري ٿيڻ گهرجي. جسم جي منور عمراڻي چيو ته ٿاڻي آڏو مسلسل احتجاجي ڪئمپ لڳائي وڃي. اقليتي اڳواڻ گوبند پپو سونارو چيو ته گڏيل آواز اٿارڻ گهرجي ۽ قاتل کي ڳولڻ گهرجي ڊاڪٽر پريم چيو ته اسان پوري برادري گڏ آهيون هر احتجاج ۾ شامل ٿينداسون. رضا چانڊيو چيو ته قتل کي سياست جي ور نه چاڙهيو وڃي. خير محمد چنه چيو ته اسان کي ڪيلاش جي انصاف لاءِ جيئن سوڍي ڪولهي بيٺي ايئن بيهڻو پوندو.