سڪرنڊ ۾ نوجوان نينگري گهر ۾گهٽا ڏئي بيدردي سان قتل: 3 ماروٽن تي الزام

سڪرنڊ ۾ نوجوان نينگري گهر ۾گهٽا ڏئي بيدردي سان قتل: 3 ماروٽن تي الزام

سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ شهر جي مهراڻ ڪالوني ۾ نوجوان نينگري 17 سالن جي ڪومل جمالي کي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ وارو واقعو پيش آيو،   لاش تعلقي اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽرياڻي موجب ڪومل کي گهٽا ڏنل هئا، پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ ٻڌائي سگهجي ٿو. هوڏانهن اسپتال ۾ موجود ڪومل جي والد امداد علي جمالي ٻڌايو ته آئون نوابشاهه ۾ هوٽل تي مزدوري ڪندو آهيان. هوٽل مالڪ اسان سڀني ملازمن جا موبائل پاڻ وٽ جمع ڪندو آهي. صبح جو گهر پهچڻ تي زال ٻڌايو ته ٻانڌي ۾ رهندڙ منهنجي سالي جا پٽ علي شير ، دل مراد ، علي رضا رات جي وقت گهر اچي منهنجي نياڻي ڪومل کي تشدد بعد گهٽا ڏئي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن.  مونکي خبر ناهي  ته هنن منهنجي ڌي کي ڇو قتل ڪيو آهي؟  ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ٻانڌي  لڳ ڳوٺ ماڻڪ لاشاري ۾ نوجوان منٺار ولد محمد صادق لاشاري کي گوليون هڻي قتل ٿيو هو، جنهن جو ڪيس ٻانڌي ٿاڻي تي داخل ڪيو هو، انهي ڪيس ۾ پڻ ساڳيا ئي جوابدار ڄاڻايل آهن، هوڏانهن پوليس ذريعن موجب منٺار ۽ ناري ڪومل جمالي کي قتل ڪندڙ جوابدار ساڳيا آهن سڪرنڊ پوليس جي ايڇ او عبداللطيف ٿهيم ٻڌايو ته اسان مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون، وارثن جي اچڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويندو