سڪرنڊ ۾ نينگر سان بدفعلي ڪري وڊيو ڀرڻ جو انڪشاف
جُولاءِ 13, 2023
سڪرنڊ (رپورٽر) سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ دليل ديرو ۾ نينگر سان بدفعلي ۽ سندس وڊيو ڀرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي
متاثر نينگر پنهنجي والد بشير احمد ملاح سان گڏ احتجاج ڪيو ۽ انصاف جو مطالبو ڪيو، نينگر چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ جهنگ ۾ مال چارڻ دوران نويد ملاح زبردستي بدفعلي جو نشانو بڻايو
نينگر ٻڌايو ته جوابدار صحت ملاح وڊيو رڪارڊ ڪئي، هاڻ ٻئي جوابدار وڊيو وائرل ڪرڻ لاءِ بليڪ ميل ڪري رهيا آهن