سڪرنڊ ۾ ڳوٺاڻو فوت: ايمبولينس نه ملي: لاش ريڙهي تي نيو ويو

سڪرنڊ ۾ ڳوٺاڻو فوت: ايمبولينس نه ملي: لاش ريڙهي تي نيو ويو

سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ تعلقه اسپتال ۾ دل جي دوري سبب فوت ٿيل سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ تلي جو رهواسي الهڏنو عباسي جو لاش سرڪاري ايمبولينس نه هئڻ ڪري ڦٽي تي وارث کڻائي ويا. اهڙي وڊيو جيڪا سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.تعلقه اسپتال سڪرنڊ جي ڪروڙين روپيه بجيٽ هئڻ باوجود سرڪاري ايمبولينس غريب ماڻهن جي پهچ کان دور آهي. فوتي جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان اسپتال انتظاميه کي ايمبولينس لاءِ چيو جن چيو ته اسان وٽ تيل نه آهي جنهن ڦٽي رڪشا تي کڻي آيا آهيو ان ساڳئي ڦٽي تي کڻي وڃو.سماجي اڳواڻ خير محمد چنه چيو ته ڪروڙين روپين جي بجيٽ هجڻ باوجود غريب ماڻهن لاءِ ايمبولينس نه آهي رڪشا ڦٽا ۾ لاش کڻڻ انساني تذليل جو عمل آهي.