سڪندر شورو جو ڄامشورو اتحاد سان دوکو، ملڪ اسد لاءِ دڳ صاف، جلال شاهه ۽ ملڪ چنگيز لاءِ ڏکيائيون

جُون 11, 2023

ڄامشورو(رپورٽ: ميرمرتضيٰ نوحاڻي) ڄامشورو ضلعي جي سياست ۾ اهم تبديلي، ڊاڪٽر سڪندر شورو ڄامشورو اتحاد ڇڏي پ پ جي ملڪ اسد سڪندر لاءِ ايندڙ چونڊن لاءِ دڳ صاف ڪري ڇڏيا آهن

ڄامشورو اتحاد جي اڳواڻن سڪندر شورو جي پ پ ۾ شموليت کي اتحاد سان دوکو قرار ڏئي ڇڏيو آهي، ايندڙ چونڊن ۾ ايس يو پي سربراهه جلال محمود شاهه ۽ ملڪ چنگيز لاءِ ڏکيائيون ٿينديون

ڄامشوري جي سياست ۾ اهم تبديلي اها آئي آهي، ڄامشورو اتحاد ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي ويو آهي، ڪوٽڙي ۽ ٿاڻي بولاخان جي تڪ تان اليڪشن ۾ ملڪ اسد سڪندر لاءِ سياسي ماحول سازگار ٿي ويو آهي

 2018 واري عام چونڊون ۾ ايس يو پي سربراهه جلال محمود شاهه، ڊاڪٽر سڪندر شورو ۽ ملڪ چنگيز پاران ڄامشوري ضلعي جي ڪوٽڙي ۽ ٿاڻي بولاخان جي تڪن تي ملڪ اسد سڪندر کي سياسي شڪست ڏيڻ لاءِ ڄامشورو اتحاد جوڙيو ويو هو

2018 ۾ پي ايس 82 تان ملڪ اسد سڪندر سامهون آزاد اميدوار جي حيثيت ۾ اليڪشن وڙهندڙ ڊاڪٽر سڪندر شورو ۽ ڪوهستان جي سياسي شخصيت ڪانڀو خان برهماڻي لاهور ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪري پيپلزپارٽي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر شموليت ڪري چڪا آهن

ڊاڪٽر سڪندر شورو جي پ پ ۾ شموليت سان تعلقي ڪوٽڙي ۽ تعلقي ٿاڻي بولاخان ۾ سياسي ماحول ملڪ اسد سڪندر جي حمايت ۾ اچي ويو آهي، هاڻ پي ايس 82 تي ملڪ اسد سڪندر جو مقابلو روايتي حريف ايس يو پي سان ٿيندو، ڪوهستان مان به برهماڻي برداري جي ٻيهر پ پ شموليت سان پ پ لاءِ ماحول سازگار ٿي ويو آهي

ذريعن موجب ڪوٽڙي جي تڪ تان ملڪ اسد سڪندر ۽ ٿاڻو بولاخان جي تڪ تان ملڪ اسد سڪندر جو حمايتي اميدوار پ پ جي ٽڪيٽ تان اليڪشن وڙهندا، بولاخان مان ملڪ اسد سڪندر جو حمايتي اميدوار ۽ ملڪ چنگيز خان آمهون سامهون هوندا

ذريعن موجب صوبائي وزير ڄام خان شورو معرف ڊاڪٽر سڪندر شورو ۽ ساٿين جون اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان لاهور ۾ ڳالهيون ٿيون، پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي سڪندر شورو ٻيهر پ پ ۾ شموليت ڪئي، ڪانڀو خان برهماڻي ۽ عارب خان برهماڻي به پ پ ۾ شامل ٿي ويا

ڊاڪٽر سڪندر شورو ۽ برهماڻي ڀائرن جي عليحدگي کانپوءِ ڄامشورو اتحادي جي اڳواڻي ايس يو پي مان زين شاهه ۽ ڪوهستان مان ملڪ چنگيز ڪري رهيا آهن

ايس يو پي جي مرڪزي سينئر نائب صدر روشن ٻرڙو انھي حوالي سان پنھنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ڊاڪٽر سڪندر شورو جي وڃڻ سان ڄامشورو اتحاد تي ڪو به فرق نٿو پوي اتحاد پنھنجي حثيت سان بيٺل آهي، ڊاڪٽر سڪندر شورو کي ايس يو پي جي ڪري اهميت ملي، ايندڙ اليڪشن ۾ به مقابلي لاءِ تيار آهيون، جڏهن ته رابطو ڪرڻ تي ڊاڪٽر سڪندر شورو فون کڻڻ کان قاصر رهيو

ڄامشوري جي سياسي سماجي اڳواڻن گل محمد جويو، حبيب الله آمڙو، اعتبار بلوچ ۽ ٻين ڊاڪٽر سڪندر شورو جي ڇڏڻ کي ڄامشورو اتحاد سان دوکو قرار ڏيندي چيو ته سياسي چرپر ٿيڻ سان هن وقت تائين عوام کي فائدو ناهي مليو، ڪير به چونڊجي اچي اسان جو مطالبو آهي ته شھر جا مسئلا حل ڪيا وڃن

Leave A Comment