اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) سگريٽ، سيمينٽ، اسٽيل، لوهه، دوا ٺاهيندڙ ڪمپنين، ڪيميڪلز سميت وڏن شعبن تي سپرٽيڪس لاڳو ٿي ويو، ايف بي آر فنانس ايڪٽ 2023 ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪري ڇڏيو
سپر ٽيڪس لاءِ انڪم سليب 30 ڪروڙ کان وڌائي 50 ڪروڙ ڪيو ويو، سالياني 50 ڪروڙ کان وڌيڪ آمدني تي 10 سيڪڙو سپر ٽيڪس لڳندو، وڏن شعبن ۾ 30 ڪروڙ کان وڌيڪ آمدني تي به 10 سيڪڙو سپر ٽيڪس لاڳو ٿي ويو
ايئر لائنز، آٽوموبائلز، بيوريجز، سيمينٽ، ڪيميڪلز، سگريٽ، تماڪ، فرٽيلائيزر، لوهه، اسٽيل، ايل اين جي ٽرمينل، آئل، گيس مارڪيٽنگ، آئل ريفائنري، دوا سازي، شگر، ٽيڪسٽائل، بينڪنگ ڪمپنين تي 10سيڪڙو سپر ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي
بينڪنگ ڪمپنين جي 30 ڪروڙ کان وڌيڪ آمدني تي به 10 سيڪڙو سپر ٽيڪس لاڳو هوندو، پيٽروليم، گيس، دوا سازي، شگر، ٽيڪسٽائل تي به 10 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو، سالياني 50 ڪروڙ کان وڌيڪ آمدني تي 10 سيڪڙو سپر ٽيڪس لڳندو
40 ڪروڙ کان 50 ڪروڙ ڪمائيندڙ ڪمپنين تي 8 سيڪڙو سپر ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي، 35 کان 40سيڪڙو آمدني تي سپر ٽيڪس جي شرح 4 مان وڌائي 6سيڪڙو ڪئي وئي، 30ڪروڙ کان 35 ڪروڙ آمدني تي 4سيڪڙو سپر ٽيڪس جي شرح برقرار رکي وئي
25 ڪروڙ کان 30ڪروڙ آمدني تي 3سيڪڙو سپر ٽيڪس هوندو، 20ڪروڙ کان 25ڪروڙ آمدني تي 2سيڪڙو سپر ٽيڪس هوندو، سالياني 15ڪروڙ کان 20ڪروڙ آمدني تي 1 سيڪڙو سپر ٽيڪس برقرار رکيو ويو آهي جڏهن ته 15 ڪروڙ تائين آمدني تي سپر ٽيڪس جي شرح ٻڙي رکي وئي آهي