| سڱ نه ملڻ تي همراهه عورت ۽ 2 ٻار قتل ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي |
لاهور (م ڊ) لاهور ۾ جوابدار فائرنگ ڪري عورت ۽ ٻن ٻارن کي قتل ڪرڻ کان پوءِ پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو آهي. پوليس موجب اهو واقعو لاهور جي علائقي مزنگ ۾ پيش آيو جتي فائرنگ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا. پوليس موجب قتل ٿي ويلن ۾ 35 ورهين جي عائشه، 14 ورهين جي مفره ۽ 12 ورهين جو منيب شامل آهن جڏهن ته زخمين جي سڃاڻپ 8 ورهين جي مناهل ۽ 18 ورهين جي سمنه جي نالي سان ٿي آهي. پوليس موجب 45 ورهين جي شاهد عورت ۽ انهي جي 2 ٻارن کي قتل ڪري پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو، لاشن کي پوسٽ مارٽم جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. شروعاتي ڄاڻ موجب جوابدار شاهد جٽ جيڪو مزنگ ۾ پراپرٽي ڊيلر هو انهي فليٽ ۾ انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري جنهن کان پوءِ هن پنهنجو پاڻ کي به گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو. ايس ايس پي آپريشن لاهور توقير انجام واقعي واري هنڌ جو دورو ڪيو. هن صحافين کي ٻڌايو ته شروعاتي جاچ موجب واقعو سڱابندي جي تڪرار تان پيش آيو، عائشه بيوه عورت هئي جيڪا ننڪانه جي رهواسڻ هئي. توقير انجم موجب قاتل شاهد جٽ جو مقتول عورت جي گهر اچڻ وڃڻ هوندو هو. شاهد ئي اهو فليٽ عورت کي ڪرائي تي وٺي ڏنو هو. ڪجهه وقت اڳ شاهد مقتول عورت کان انهي جي 19 ورهين جي ڌيءَ جو سڱ گهريو جنهن کان عورت انڪار ڪري ڇڏيو هو، زخمي ڇوڪري جو نڪاح 2 مهينا اڳ ڪنهن ٻئي شخص سان ڪيو ويو هو. انهي ڪاوڙ جي آڌار تي مقتول عورت ۽ قاتل شاهد جٽ ۾ اختلاف پيدا ٿيا هئا.