سڳيون ڀرسان ابڙا پيرزادا زميني تڪرار ٻيهر ڪر کنيو، فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل، ٻيو زخمي

مارچ 27, 2025

سڳيون (ن پ ا) سڳيون ڀرسان ابڙا ۽ پيرزادا ڌرين ۾ زميني تڪرار تان جهيڙو، هڪٻئي تي فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل، ٻيو زخمي، واقعي بعد ڌرين ۾ سخت ڇڪتاڻ، ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب محمود چنا ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾ پيرزادا ۽ ابڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جي هٿياربندن هڪٻئي تي فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو محمد عرف نالي مٺو ولد اويس چنو مارجي ويو، جڏهن ته اشرف ولد اقبال چنو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي، اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش تعلقه اسپتال سوڀو ديرو آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ پوليس ٻڌايو ته ڪچي واري علائقي ۾ محمد خان پيرزادو ۽گلاب ابڙو جي ڌرين وچ ۾ زميني تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ جي نتيجي ۾ محمد عرف نالي مٺو چنو گوليون لڳڻ سبب شديد زخمي ٿي پيو، جنهن کي علاج لاءِ اسپتال نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.

 

Leave A Comment