سڳيون ۾ نينگر جي مبينا تذليل، وات ۾ پادر وجهي معافي وٺرائڻ جي وڊيو وائرل

سڳيون ۾ نينگر جي مبينا تذليل، وات ۾ پادر وجهي معافي وٺرائڻ جي وڊيو وائرل

خيرپور/سڳيون (رپورٽ: عرفان ڦلپوٽو+تسليم ڪوري) خيرپور ڀرسان سڳيون شهر ۾ نينگر فراز جي تذليل واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. سڳيون شهر جي ٽائون چيئرمين الطاف مشوري جي پٽ راجا مشوري پاران 14 ورهين جي نينگر جي مبينا تذليل ڪئي وئي، جنهن جي وڊيو مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته نوجوان کي چئيرمين جي راجا عرف ناظم خان مشوري جون وڊيوز ۽ پوسٽون سوشل ميڊيا تي رکڻ ۽ سندس حمايت ڪرڻ جي الزام هيٺ وات ۾ پادر کڻائي زبردستي معافي وٺرائي پئي وڃي. وڊيو ۾ نينگر جي وات ۾ پادر آهي ۽ هو چئي رهيو آهي ته راجا مون کي معافي ڏيو، ناظم جي باري ۾ جيڪا وڊيو آهي، اها ڪٽيان ٿو، مون کي معافي ڏيو، وڊيو ڀريندڙ نينگر کي چئي رهيا آهن ته پادر وات ۾ کڻ، ان بعد پادر وات ۾ کڻي ٿو، واقعي بعد سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن، شهرين ۽ باشعور حلقن پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو پيو وڃي. شهرين جو چوڻ آهي ته ڪنهن به شهري جي تذليل ڪرڻ، ڌمڪائڻ يا زبردستي معافي وٺرائڻ قانون ۽ انساني حقن جي ابتڙ عمل آهي، جنهن جي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي. معاملي جو نوٽيس وٺي حقيقتون سامهون آنديون وڃن ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
 

دٻاءُ يا ڊرامو: نينگر جي هڪ ٻي وڊيو به سامهون اچي وئي

سڳيون: مبينا تذليل واري وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ فراز پريس ڪلب سڳيون پھچي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سڳيون يونين ڪائونسل جي چيئرمين الطاف مشوري جي مخالفن مصور مشوري ۽ اوشاق مشوري گھرائي زبردستي اها وڊيو رڪارڊ ڪرائي، ته جيئن الطاف مشوري خلاف پروپيگنڊا ڪري سگھن، ھن وڌيڪ چيو ته جيڪي سوشل ميڊيا تي يوسي چيئرمين الطاف مشوري جي پٽ راجا مشوري کي واقعي ذميوار ٺھرائن پيا اھو سراسر ڪوڙ آهي، راجا مشوري جو ان وڊيو رڪارڊ ڪرڻ سان ڪوبه تعلق ناهي، ھوڏانھن الزام ھيٺ آيل ڌر الطاف مشوري قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان گھر ڪئي آھي ته نينگر جي تذليل جو ويڊيو رڪارڊ ڪري سوشل ميڊيا تي غلط رنگ ڏئي وائرل ڪندڙن خلاف سخت قانوني قدم کنيا وڃن، علائقي ۾ اهي به چئوٻول آهن ته دٻاءُ کانپوءِ نينگر ٻيو وڊيو بيان ڏنو آهي، معاملي جي جاچ ڪئي وڃي.
 

نينگر ناظم عرف راجا مشوري ۽ الزام هيٺ آيل چيئرمين پاڻ ۾ مائٽ ٿين
 

سڳيون: مبينا تذليل جو نشانو بڻيل نينگر فراز  جي والد خالد رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته راجا مشوري منهنجو ڀاڻيجو آهي، الطاف مشوري جي مخالفن منهنجي پٽ کي استعمال ڪري وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي آهي، تذليل ۽ هراسمينٽ جو ڪو مسئلو ناهي.