| شاداب خان جو وڌيڪ بگ بيش ميچن تان هٿ کڻڻ جو اعلان |
لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر شاداب خان اعلان ڪيو آهي ته هو بگ بيش ليگ 15 ۾ ٽيم سڊني ٿنڊر لاءِ باقي ميچون نه کيڏيندو. سوشل ميڊيا تي پوسٽ ذريعي تصديق ڪئي ته هو ليگ جي باقي ميچن ۾ حصو نه وٺندو. پنهنجي پيغام ۾ شاداب خان سڊني ٿنڊر جي رانديگرن، انتظاميا ۽ اسٽاف جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته جيتوڻيڪ هن ڀيري ٽيم فائنل تائين نه پهچي سگهي، پر ٽيم سان گڏ گهاريل وقت ڏاڍو سٺو هو، ذريعن موجب، شاداب خان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 جي تيارين تي مڪمل ڌيان ڏيڻ لاءِ ليگ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي. واضح رهي ته بگ بيش ليگ جي جاري سيزن ۾ شاداب خان سڊني ٿنڊر جي نمائندگي ڪندي 6 ميچن ۾ 7 وڪيٽون ورتيون ۽ 104 رنسون پڻ ٺاهيون هيون.