شادي بعد پٽ پيءُ جو جانشين ٿي سگهي ٿو، ڌيءَ ڇو نه؟ نوڪري تي ڌي جو حق آهي: سپريم ڪورٽ
مارچ 18, 2025
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ سرڪاري ملازم جي فوت ٿيڻ بعد ڌيءَ کي نوڪري کان محروم ڪرڻ خلاف درخواست منظور ڪري ورتي. عدالت قرار ڏنو آهي ته عورتن جي شادي جو ان جي معاشي خودمختياريءَ سان ڪو تعلق ناهي ۽ ڌيءَ کي به والد جي جاءِ تي نوڪريءَ جو حق حاصل آهي. سپريم ڪورٽ سرڪاري ملازم جي انتقال بعد ڌيءَ کي نوڪريءَ کان محروم ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏنا ته عورتن جي شادي جو ان جي معاشي خودمختياريءَ سان ڪو تعلق ناهي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن شاديءَ کانپوءِ به پٽ والد جو جانشين ٿي سگهي ٿو ته ڌيءَ ڇو نه؟ ايڊووڪيٽ جنرل خيبرپخونخوا موقف اختيار ڪيو ته اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي فيصلي مطابق سرڪاري ملازم جي ٻارن کي نوڪريون ترجيحي بنيادن تي نٿيون ڏئي سگهجن. جنهن تي جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏنا ته هي فيصلو 2024ع جو آهي. جڏهن ته موجوده ڪيس ان کان اڳ جو آهي. ان لاءِ اهو فيصلو ماضي کان لاڳو نه ٿيندو. عدالت پڇاڻو ڪيو ته عورت کي نوڪري ڏئي فارغ ڪيئن ڪيو ويو؟ ايڊووڪيٽ جنرل خيبرپخونخوا موقف اختيار ڪيو ته عورت جي شادي ٿي چڪي آهي ان لاءِ هو والد جي جاءِ تي نوڪريءَ جي اهل ناهي رهي. جسٽس منصور علي شاهه سوال اُٿاريو ته اهو ڪهڙي قانون ۾ لکيل آهي ته ڌيءَ جي شادي ٿي وڃي ته هو والد جي انتقال بعد نوڪري جي اهل ناهي رهندي. ؟ ايڊووڪيٽ جنرل خيبرپختونخوا ٻڌايو ته عورت کي خيبرپختونخوا سول سروس ايڪٽ جي تحت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. جنهن تي جسٽس منصور علي شاهه ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ڏنا ته هاڻي ڇا هڪ سيڪشن آفيسر قانون جي پاڻمرادو تشريح ڪندو؟ عدالت چيو ته عورتن جي معاشي خودمختياري جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي فيصلي متعلق فيصلو ڏنو ويندو. سپريم ڪورٽ درخواستگذار زاهده پروين جي درخواست منظور ڪندي ڪيس اُڪلائي ڇڏيو. ڄاڻايل فيصلو جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله تي مشتمل ٻه رڪني بينچ ٻڌايو آهي.