| “شادي لاءِ دل ئي نٿي چوي”: جنت مرزا جو ردعمل |
لاهور (ڪلچرل ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور ٽڪ ٽاڪ اسٽار ۽ سوشل ميڊيا انفلوئنسر جنت مرزا پنهنجي شاديءَ بابت سوال تي کليل نموني خيالن جو اظهار ڪندي اهڙو جواب ڏنو آهي، جيڪو سوشل ميڊيا واهپيدارن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي. جنت مرزا تازو ئي انسٽاگرام تي مداحن سان سوالن جوابن جو هڪ سيشن رکيو، جنهن ۾ کانئس مختلف موضوعن تي سوال ڪيا ويا، انهي دوران هڪ واهپيدار پڇيو ته هوءَ ڪڏهن شاديءَ جو ارادو رکي ٿي؟ جنهن تي جنت مرزا چٽن لفظن ۾چيو ته کيس پاڻ به ان ڳالهه جي خبر ناهي ته هوءَ ڪڏهن شادي ڪندي، سندس چوڻ هو ته اڄڪلهه شادي شده ماڻهن جي زندگيءَ جون حالتون ڏسي شادي ڪرڻ لاءِ دل ئي نٿي چوي، ڇاڪاڻ ته کيس لڳي ٿو ته انهي کانپوءِ زندگيءَ ۾ ڪيتريون ئي مشڪلاتون جنم وٺن ٿيون. هن وڌيڪ لکيو ته شاديءَ کانپوءِ اڪثر ماڻهن جي ڀلي چڱي زندگي متاثر ٿيندي نظر اچي ٿي، انهي ڪري شادي جهڙي اهم فيصلي ۾ تڪڙ مناسب ناهي. جنت مرزا موجب انسان کي شاديءَ جهڙي فيصلي لاءِ مڪمل اطمينان ۽ سوچ ويچار کانپوءِ ئي قدم کڻڻ گهرجي، ڇو ته تڪڙ ۾ ڪيل فيصلو بعد ۾ پشيمانيءَ (پڇتاءَ) جو سبب بڻجي سگهي ٿو.