شادي لارج ڀرسان هاڪڙي تي پل نه ٺهي، ڳوٺاڻن کي آڻيندڙ ٻيڙي اونڌي، 10 ڄڻا ٻڏي ويا، هڪ فوت

سيپٽمبر 5, 2024

نئون ڪوٽ/شادي لارج (نمائندن وٽان) شادي لارج ڀرسان ڳوٺ اوڙينگ لنڊ ڀرسان هاڪڙو ڍورو ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي نتيجي ۾ عبدالغفار لنڊ ٻڏي فوت ٿي ويو جڏهن ته ٻيڙي ۾  سوار 9 ڄڻن کي علائقي واسين بچائي ورتو، علائقي واسين موجب هاڪڙي ڍورو ۾ پاڻي جو اضافو ٿيڻ بعد ڪاٺ جي ٺهيل خطرناڪ پل پاڻي هيٺ اچڻ ڪري  ڳوٺاڻان ٻيڙي ذريعي هاڪڙو  ڍورو پار ڪري رهيا هئا ته اچانڪ ٻيڙي اونڌي ٿي وئي، ٻيڙي  اونڌي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا ٻڏڻ لڳا ته علائقي واسين  9 ڄڻن کي بچائي ورتو ۽ عبدالغفار لنڊ هاڪڙي جي وهڪرن ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو، ٻن ڪلاڪن بعد مقامي ٽوٻن جي مدد سان لاش ٻاهر ڪڍيو ويو، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته هاڪڙي ڍوري جي بحالي کانپوءِ 50 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي ڪٿي به هاڪڙي ڍوري تي پل ناهي ٺهيل، جنهن جي ڪري ڪلوئي تعلقي جي يوسي سارهوڙ جي پنجويهه کان وڌيڪ ڳوٺن جو شھرن سان زميني رابطو ڪٽيل آهي، ڳوٺاڻان مجبوري ۾ ناڪاره ٻيڙي جو سهارو وٺي شهرن طرف روزگار لاءِ اچن ٿا، ڪجهه مهينا اڳ علائقي واسين جي مدد سان ڪاٺ جون پلون جوڙيون  ويون  جيڪي پلون پار ڪندي عورت سميت پنج ڄڻا هاڪڙي ڍورو ۾ ٻڏي فوت ٿيا، هن وقت پاڻي ۾ چاڙھ ٿيڻ بعد اهي پلون پاڻي هيٺ اچي ٻڏي چڪيون آهن، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس ورتو وڃي جيئن وڌيڪ جانيون ضايع ٿيڻ کان بچي سگهن.

Leave A Comment