شادي لارج ۾ بدامني خلاف شٽربند هڙتال: ٿرڪول روڊ تي ڌرڻو
مَي 15, 2023
شادي لارج(ن پ ا) شادي لارج ۾ وڌندڙ بدامني ۽ کوسڪي پوليس جي مبينا زيادتين خلاف شٽربند هڙتال، ڪئي وئي، شهرين ٿرڪول روڊ تي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي. تفصيل موجب شادي لارج ۾ بدامني تي ضابطو نه اچڻ ۽ پوليس پاران ڏوهارين خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪرڻ بعد شهرين احتجاجن ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو، شهرين ريلي ڪڍي ٿرڪول روڊ تي ڌرڻو هنيو جنهن سبب روڊ ٻن هي طرفن کان بلاڪ ٿي ويو ۽ گاڏين جون وڏيون قطارون لڳي ويون ان موقعي تي مظاهرين چيو ته پوليس بدامني روڪڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، پوليس امن ڪرائڻ بدران پاڻ شهرين کان ڦرلٽ ڪري رهي آهي، پوليس اهلڪار شهرين کان اٽو به ڦري رهيا آهن، ايس ايس پي کي کوسڪي ٿاڻي جو سمورو پوليس عملو هٽائڻ جي اپيل ڪئي وئي.