قاضي احمد/دولتپور(الهه رکيو سيال/پيرل پلي)قاضي احمد جي شاگردياڻي ثنا شاهه هڪ ئي ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا بيان رڪارڊ ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ٿي وئي
سندس چوڻ هو ته مون شادي ناهي ڪئي، پهرين حنيف کوسو سان وڃڻ جو بيان دٻاءُ ۾ ڏنو، پنهنجي مائٽن سان وڃڻ چاهيان ٿي
ڳوٺ ھتجواھڻ مان 20 ڏينهن اڳ مبينا اغوا ڄاڻايل نينگري ثنا بي بي کي عدالتي حڪم تحت دولتپور جي عدالت ۾ پوليس جي سخت حفاظتي انتظام هيٺ آندو ويو
پھرين ٻڌڻي دوران ثنا بي بي جي وڪيلن ۽ جوابدار ڌر جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد نينگري جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو ان دوران ثنا شاھه نڪاح جي دعوا ڪندڙ مڙس حنيف کوسو ڏانهن وڃڻ جو بيان ڏنو
شاگردياڻي عدالت آڏو بيان ڏنو ته هو مڙس حنيف کوسو سان وڃڻ چاهي ٿي جنهن بعد عدالت کيس مڙس حنيف کوسو سان وڃڻ جي اجازت ڏني
ثنا شاهه جيئن ئي عدالت مان ٻاهر نڪتي ته امڙ ۽ ڀينرن کي ڏسي چنبڙي پئي، اهڙي صورتحال بعد نينگري جا وارث ۽ حامي ماڻھو عدالت جي مين گيٽ ٻاهران سراپا احتجاج بڻيل رهيا ۽ نينگري جي بيان کي رد ڪيو ويو
نينگري جو اهو چوڻ ھو ته مون مٿان سخت دٻاءُ ھو آءُ ماءُ پي ڏانهن وڃڻ ٿي چاهيا جنهن تي نينگري جي وارثن پاران وڪيلن ٻيهر بيان رڪارڊ ڪرڻ جي عدالت کي اپيل ڪئي
جنهن بعد ثنا شاهه جو ٻيهر 164 جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو آھي جنهن ۾ هن مائٽن ڏانهن وڃڻ جو بيان ڏنو جنهن بعد عدالت نينگري کي وارثن ڏانهن وڃڻ جي اجازت ڏني
عدالت پوليس ۽ وڪيلن کي ضامن قرار ڏنو جيڪي نينگري جي حياتي جا ذميوار هوندا جڏهن ته 5 لک رپين جو ِمانتي بانڊ جمع ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي وئي