شادي نه ڪجان: جيابچن جي ڏوهٽي نويا کي صلاح

شادي نه ڪجان: جيابچن جي ڏوهٽي نويا کي صلاح

ممبئي(ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي بگ بي  اميتاڀ بچن جي زال جيا بچن  چيو آ هي ته شادي جو تصور پراڻو ٿي چڪو آهي، هن پنهنجي ڏوهٽي نويا نويل نندا، جيڪا هڪ هفتي ۾ 28 سالن جي ٿي ويندي،  کي شادي نه ڪرڻ جي صلاح ڏيندي چيو ته اڄ جون نوجوان عورتون ڄاڻن ٿيون ته ٻارن جي بهتر پرورش ڪيئن ڪجي؟  اڄ جا ٻار اڳ کان وڌيڪ ذهين ٿي رهيا آهن. جيا بچن چيو ته هوءَ محسوس ڪري ٿي ته شادي هڪ پراڻو تصور آهي ۽ هوءَ نٿي چاهي ته ڏوهٽي نويا نويل نندا شادي ڪري. جڏهن جيا بچن کان شادي جي قانوني حيثيت بابت پڇيو ويو ته هن بي پرواهي سان چيو ته  “بس زندگي مان لطف اندوز ٿيو.”، هن کان پڇيو ويو ته ڇا کيس ڪو اعتراض هوندو ته جيڪڏهن نويا نندا ناني وانگر شادي ڪرڻ کانپوءِ پنهنجو ڪيريئر ڇڏي ڏئي؟ جنهن تي هن چيو ته “آئون  نٿي چاهيان ته نويا شادي ڪري.” جڏهن جيا بچن کان پڇيو ويو ته هو شادي کي هڪ پراڻو تصور ڇو سمجهي ٿي ته هن دعويٰ ڪئي ته اڄ جا ٻار هر معاملي ۾ ٻين کان اڳتي نڪري سگهن ٿا. هن لاءِ، شادي هڪ مٺي ڊش وانگر آهي،  هن شادي کي دهلي جي لڏون سان ڀيٽيندي چيو ته، “جيڪڏهن توهان ان کي کائيندا ته توهان مصيبت ۾ پئجي ويندا، ۽ جيڪڏهن توهان ان کي نه کائيندا ته توهان کي افسوس ٿيندو.” واضح  رهي ته نويا 2020 ۾ آمريڪا مان گريجوئيشن ڪئي،

 هن وقت   هندستان جي هڪ يونيورسٽي مان ايم بي اي ڪري رهي آهي.