| شادي ڪرايو: شهدادپور ۾ جنوني پٽ پيءُ کي ڏنڊا هڻي ماري ڇڏيو |
شهدادپور (رپورٽ: حميد کوسو) شهدادپور ۾ سال اڳ پنهنجو نازڪ عضوو ڪٽيندڙ جنوني پٽ هٿان ننڊ پيل پيرسن پيءُ ڏنڊا هڻي قتل، جوابدار گرفتار، ان ڏس ۾ ڳوٺ شير خان لغاري ۾ وحشي صفت جوابدار اڪبر لاکو ڪمري ۾ ستل 60 ورهين جي پيرسن پيءُ وارث لاکو کي ڏنڊا هڻي بيرحمي سان قتل ڪري گهر کي تالو هڻي فرار ٿي ويو، ڳوٺاڻن پهچي مڙھه سمس پهچايو، جڏهن ته جوابدار کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. هوڏانهن مقتول جي ٻئي پٽ اصغر ٻڌايو ته ڀاءُ جو ذهني توازن درست ناهي، سندس علاج هلندڙ هو، اڪبر والد کي ڏنڊا هڻي قتل ڪيو آهي، ٻئي طرف گرفتار جوابدار ڏوھ جو اعتراف ڪندي چيو ته بابا پاران سندس شادي کان انڪار تي هن خون ڪيو آهي، کيس ڪوبه پڇتاءُ ناهي. ياد رهي ته جوابدار سال اڳ پنهنجو نازڪ عضوو وڍي پاڻ کي زخمي ڪيو هو.