| شادي ڪر: ٽنڊي آدم ۾ ڏير بيواھ ڀاڄائي جو هٿ ڪپي ڇڏيو |
ٽنڊوآدم(ن پ ا) ٽنڊي آدم ۾ ڏير شادي کان انڪار تان بيواھ ڀاڄائي جو هٿ ڪپي ڇڏيو، جوابدار گرفتار، ان ڏس ۾ ڳوٺ ميرحسن مري ۾ وحشي صفت جوابدار نظر محمد ڀٽي شادي کان انڪار تان ڪاوڙجي پنهنجي بيواھ ڀاڄائي نجمه ڀٽي کي ڪهاڙيون هڻي سندس ساڄو هٿ ڪپي ڇڏيو، هوڏانهن سٽي ٿاڻي تي زخمي عورت جي ڀاءِ مشتاق ڀٽي جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي جنهن ۾ فريادي ڄاڻايو آھي ته منهنجي ڀيڻ جي شادي غلام نبي ڀٽي سان ٿيل آھي جيڪو 4/5 مهينا اڳ وفات ڪري ويو آھي، ڀيڻ ٻارن سميت ساهرن وٽ رهندي هئي، جتي ڏير قاتلاڻو حملو ڪري سندس هٿ ڪپي ڇڏيو، پوليس ڪاروائي ڪري الزام هيٺ آيل جوابدار نظر محمد ڀٽي کي گرفتار ڪري ورتو