Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_u6o76ksql1hdcgst07hkps0lg2, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
شارٽ- شارٽ اسٽوري- جديد ادب جي ضرورت ... علي رضا قاضي - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar شارٽ- شارٽ اسٽوري- جديد ادب جي ضرورت ... علي رضا قاضي - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

شارٽ- شارٽ اسٽوري- جديد ادب جي ضرورت … علي رضا قاضي

’فليش فڪشن‘ جي تيزي سان وڌڻ جا جتي ٻيا گهڻائي سبب آهن، اتي هڪ ڪارڻ شاندار ۽ باڪمال شارٽ- شارٽ اسٽوريز پڻ آهي. ڪهاڻيءَ جو هي قسم هاڻي ته فليش فڪشن جي حصي ۾ ڳڻجي ٿو، پر فني نقطه نظر سان شارٽ- شارٽ اسٽوري بنيادي طور شارٽ اسٽوري ئي آهي، فرق صرف استعمال ٿيندڙ لفظن جي ڳڻپ جو آهي.ڪولنس ڊڪشنري موجب شارٽ- شارٽ اسٽوريءَ جي تشريح ڪجهه هن ريت بيهي ٿي.
A Short Short story that is brief and usually has a surprise ending. جڏهن ته ڊيئرڊر فُلٽن پنهنجي بلاگ Who reads short shorts? ۾ شارٽ اسٽوري ۽ شارٽ- شارٽ اسٽوريءَ جو فرق ڪجهه هن ريت لکيو آهي:”شارٽ اسٽوريءَ جو اصطلاح گهڻو ڪري اهڙي افسانوي ڪم کي چئجي ٿو، جيڪو 1000 لفظن کان گهٽ ۽ 2000 لفظن کان وڌيڪ نه هجي. 1000 کان گهٽ لفظن واريءَ ڪهاڻيءَ کي شارٽ- شارٽ اسٽوري يا فليش فڪشن چئجي ٿو.“جيڪڏهن بلڪل سادن لفظن ۾ سمجهاڻي رکجي ته معلوم ٿئي ٿو: شارٽ اسٽوري ۽ شارٽ- شارٽ اسٽوريءَ جي وچ ۾ ڪوبه فرق ناهي سواءِ لفظن جي استعمال جي؛ جيڪڏهن لفظ 1000 کان مٿي ٿين ٿا، ته اها شارٽ اسٽوري سڏبي، جيڪڏهن 1000 کان هيٺ آهن ته شارٽ- شارٽ اسٽوري ٿيندي.
تاريخي طور شارٽ- شارٽ اسٽوريءَ جي قدامت به شارٽ اسٽوريءَ جيتري پراڻي آهي. محقق عباس ڪوريجي جي تحقيق مطابق:”سال 1992ع کان اڳ فليش فڪشن،شارٽ- شارٽ اسٽوريءَ جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. اصطلاح ’شارٽ- شارٽ اسٽوري‘ ٻين اصطلاحن: ’ويري شارٽ اسٽوري يا ونئيٽ (منظرن کي مرڪوز ڪندڙ)، سڊن فڪشن، مائڪرو اسٽوري، نينو اسٽوري‘ جي مقابلي ۾ وڌيڪ معروف ۽ مقبول آهي.“شارٽ اسٽوريءَ جي بين القوامي ليکارين ۾ او. هنري، اينتن چيخوف، فرانز ڪافڪا، ايڇ. پي لورڪرافٽ، ارنيسٽ هيمنگوي، جوليو ڪارزر، آرٿر سي. ڪلارڪ، رچرڊ براٽوگن، ري براڊبري، جونئير فريڊرڪ برائون، جان ڪيج، فلپ ڪي. ڊڪ، رابرٽ شيڪلي وغيره. جا نالا ذڪر جوڳا آهن. شارٽ- شارٽ اسٽوريءَ جا بنيادي عنصر پڻ ساڳيا شارٽ اسٽوريءَ وارا آهن، جن کي ’پڪڊوطما‘ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو.’پ‘ مان مطلب پلاٽ، ’ڪ‘ مان مراد ڪردار، ’ڊ‘ ان جاءِ تي ڊائلاگ يا مڪالمي جي نمائندگي ڪري ٿو. ’و‘ سان واقعو، ’ط‘ سان طرز تحرير، ’م‘ سان مرڪزي خيال ۽ ’ا‘ سان اختتام يا پڄاڻي هوندو آهي.
شارٽ اسٽوريءَ جيان شارٽ- شارٽ اسٽوريءَ جي پلاٽ ۾ به شروعات، وچ ۽ پڄاڻي ٿئي، پر ان وچ ۾ مسئلو، چوٽ، حل ۽ آخر ۾ ڇرڪائيندڙ انجام به هوندو آهي.هتي پنهنجي موضوع کان ٿورو هٽي پنهنجن پڙهندڙن کي ’اسٽوري ۽ پلاٽ‘ جي وچ ۾ فرق ٻڌائڻ چاهيان ٿو. انگريزي ناولنگار اي. ايم فاريسٽ لکي ٿو: اسٽوريءَ ۾ پلاٽ، سبب ۽ اثر جو ڪم ڏيکاريندو آهي. ساڳي وقت پلاٽ جو ڪم اسٽوريءَ ۾ واقعن جو تسلسل ڏيکارڻ به هوندو آهي.فاريسٽ موجب ”بادشاه مري ويو، پوءِ راڻي مري وئي.“ اها ڪهاڻي آهي. جڏهن ته بادشاه مري ويو، پويان ڏک ۾ راڻي مري وئي اهو پلاٽ آهي. هيٺ جملن معرفت ڪهاڻيءَ ۽ پلاٽ کي وڌيڪ بهتر ريت سمجهي سگهجي ٿو.
01-شهزادو، شيشي جو بوٽ کڻي سنڊريلا کي ڳولهي رهيو هو.
02-سنڊريلا جي ڀيڻ شيشي جو بوٽ پائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي
03-بوٽ، سنڊريلا جي پير ۾ پورو آيو، شهزادي کي لڀي وئي.
پهريون واقعو، ٽئين واقعي سان ڳنڍيل آهي، جڏهن ته ٻيون واقعو بياني آهي، جنهن مان سڌو سئون ڪو مطلب نه ٿو نڪري، ان ڪري پلاٽ انگن جي لحاظ کان 1-3 تائين جڏهن ته ڪهاڻي کي 1-2-3 ۾ ڏسي سگهجي ٿي.ڊاڪٽر مهر خادم مطابق ”شارٽ- شارٽ اسٽوريءَ جي جيڪڏهن تز تشريح ڪجي ته نثري ادب جي اها لکڻي جيڪا مختصر ترين لفظن ۾ ڇرڪائيندڙ انجام سان ڀرپور هجي.“ ان سلسلي ۾ شارٽ- شارٽ اسٽوريءَ جو هڪ مثال پيش ڪجي ٿو:
جذبن جي خوابن جي ڌرتي
نوجنگ وڪٽوريا
ترجمو: سموني تيل جي کوهن واري مالڪ ڊان ڪبوس جي اڪيلو پٽ جيفري ڊان ڪبوس لاءِ پرڪشش، عاليشان، طبيعت ۾ کهرو ۽ خوبصورت نوجوان جا لفظ ناڪافي هئا. نيرين آسماني اکين سان هن جي محظ هڪ نهار، ڪنهن به عورت جي جسم کي ڏڪائڻ ۽ ٿرٿلي آڻڻ لاءِ ڪافي هئي.جيفري اسڪالر هو. عورتن ۾ ڪابه دلچسپي نه هئس. هن ويجهو عورتون تباهي ۽ شيطاني برغلائڻ هيون. هن جو ذاتي فلسفو هو ته مرد کي خدا خلقيو آهي، جڏهن ته عورتن کي شيطان بڻايو آهي.
هڪ ڀيري جڏهن شيرون بينسن نالي عورت هن جي ويجهو آئي، ته هن ڏٺو عورت جي مخصوص ڪشش سان مرد مقابلو نه ٿو ڪري سگهي.هوڏانهن شيرون، ڪڏهن به اهڙي منفرد مرد کي سامهون نه ڏٺو هو، جنهن جي ڪشش ۾ خدائي صفتون سمايل هجن. شيرون ڪيترائي ناول پڙهيا هئا، پر سوچي پئي ته: اهڙا من موهيندڙ مردَ فقط پرين جي آکاڻين ۾ ملندا آهن. جيفريءَ سوچيو: شيرون عام عورتن جيان نه هئي، جيڪي هن جي پيرن ۾ ڪريل هونديون هيون. هوءَ خود اعتماد هئي، جنهن ڪري هو به شيرون جي نگاهن جو اسير بڻجي مدهوش ٿي ويو. ”اها عورت ڪير آهي؟“ هڪ نهار ان ڏانهن ڪري سوچيائين. هڪ صبح، شيرون، جيفري جي آفيس آئي ۽ سلام ڪري تصورن جي دنيا ۾ گم ٿي وئي. هن جو جسم گرم ٿي ويو، دل جي ڌڙڪن ائين وڌي وئي ڄڻ ڪو طوفان آيو هجي، هوڏانهن جيفري پاڻ تي ضبط ڪري رهيو هو. شيرون پنهنجي مٿي کي ته مضبوطيءَ سان جهليو پر پنهنجي دل ۾ برپا ٿيندڙ طوفان کي روڪي نه سگهي. هن خيالن ۾ ئي محسوس ڪيو ته جيفري هن جي نرم جسم جو خيال رکي رهيو آهي ۽ چپن سان هن جا ڪوسا ڳوڙها اگهي پيو. پهريون ڀيرو اهڙي قسم جو تجربو هن سامهون هو. اچانڪ بي لغام جذبن جي اڳيان هن هار مڃي ۽ فرش تي ڪري ان کي ڇهڻ چمڻ لڳي. ”شيرون، توهان ٺيڪ آهيو؟“ جيفري آواز ٻڌي هن جي ويجهو اچي ڳري آواز ۾ پڇيو: ”جيفري، مان توسان پيار ڪريان ٿي!“ فقط ايترو سو جواب ڏنائين. اڳئين لمحي ۾ هن کي اهو عمل ذلت محسوس ٿيو، پنهنجي شهوت ۽ جيفريءَ ڏانهن نفرت محسوس ٿيس. ڳوڙها ڳاڙيندي تڪڙي آفيس مان نڪري وئي.
مختصر- مختصر ڪهاڻي ’جذبن جي خوابن جي ڌرتي‘ جو جائزو
وچ آفريڪا جي ملڪ ڪئمرون سان تعلق رکندڙ جوان سالا ليکڪا نوجنگ وڪٽوريا، سڄي دنيا ۾ مختصر- مختصر ڪهاڻين ۾ پنهنجي منفرد اسلوب جي ڪري شهرت رکي ٿي. هن جي ڪهاڻين ۾ خاص ڪري عورتن جي جذبن جي ترجماني ٿيل هوندي آهي. مٿين ڪهاڻي جيڪا مختصر لکڻيءَ جو شاهڪار تسليم ڪئي وڃي ٿي، تنهن ۾ پورا 350 لفظ استعمال ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ترجمي ۾ پڻ لفظن جو ساڳيو تعداد رکيو ويو آهي. نوجنگ جي مختصر- مختصر ڪهاڻيءَ ۾ انهن انساني جذبن جي بهتر طريقي سان اپٽار ڪئي وئي آهي، جن جي اڳيان انسان بيوس ٿيو وڃي. هيءَ ڪهاڻي، پنهنجي مڙني فني لوازمات تي پورو لهي ٿي. پلاٽ، ڪردار، ڊائلاگ، واقعو، اسلوب، مرڪزي خيال ۽ اختتام شاندار آهن، پلاٽ ۾ شروعات، وچ، مسئلو، عروج، حل ۽ پڄاڻي به واضح نظر اچن ٿا. ڪهاڻيءَ ۾ جتي هڪ خوبصورت نوجوان کي ڪٺور دل ڏيکاريو ويو آهي، اتي هڪ عورت کي ڏسي هن جي من ۾ ڦٽندڙ ڪومل جذبن جي پڻ ترجماني ڪئي وئي آهي. عورت جي محبت ۾ ڪيتري شدت آهي، هوءَ ڪهڙي ريت پنهنجي وس ۾ نه ٿي رهي، ان جي عڪاسي جهڙي طرح شيرون بينسن جي ڪردار ۾ ڏيکاري وئي آهي، سو انصاف جا سڀ تقاضا پورا ڪري ٿو.هڪ عورت، خوبصورت مرد کي ڏسي ڪهڙي ريت هٿيار ڦٽا ڪري ٿي ۽ پوءِ پڇتاءُ جو احساس هن کي وڻ وڪوڙيءَ جيان قابو ڪري ٿو. محبت بعد شديد نفرت جو احساس پنهنجي جذبن کان بڇان. اهو سڀ ڪجهه هڪ فنڪار جو ڪمال آهي، جنهن 350 لفظن جي دائري ۾ اهڙي خوبصورت تخليق سرجي آهي؛ جيڪڏهن 175 لفظ في منٽ پڙهڻ جي رفتار سان هن ڪهاڻيءَ کي پڙهجي، ته ڪل وقت ٻه منٽ لڳندو ۽ انهن ٻن منٽن ۾ نفيس انساني جذبن جي پروڙ پئجيو وڃي ۽ قاري هڪ الڳ دنيا ۾ پهچي وڃي ٿو.مختصر- مختصر ڪهاڻيءَ جي اعلى خاصيتن منجهان ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي ڇرڪائيندڙ هجڻ گهرجي، ان معيار تي پڻ بهتر نموني پوري لهي ٿي. مختصر لفظن ۾ ڪهاڻي لکڻ هڪ وڏو ڏانءُ آهي، جنهن تي مهارت جي هر ڪو دعوا نه ٿو ڪري سگهي، پر 25 سالن جي نوجنگ وڪٽوريا، ايتري گهٽ عمر ۾ زبردست مختصر- مختصر لکي ڪمال ڪيو آهي.
شارٽ- شارٽ اسٽوري انگريزيءَ کان علاوه دنيا جي مڙني شاهوڪارن زبانن ۾ لکجي پئي. سنڌي افسانوي ادب ۾ شارٽ- شارٽ اسٽوري خوب لکي پئي وڃي. اهو الڳ بحث ته ان کي ڪڏهن ننڍڙي ڪهاڻي ته ڪڏهن مختصر ڪهاڻي سڏيو پيو وڃي. حالانڪه مختصر ڪهاڻي ته شارٽ اسٽوريءَ کي سڏڻ گهرجي، هيءَ ته شارٽ- شارٽ اسٽوري آهي. جنهن لاءِ تجويز آهي ته ان کي پنهنجي اصل نالي سان لکيو وڃي.
سنڌي شارٽ- شارٽ اسٽوري ليکڪن ۾ زيب سنڌي، محمد علي پٺاڻ، منظور ڪوهيار، سليم چنا، عزيز قاسماڻي، عباس ڪوريجو، زاهد ميراڻي، شبير لاکو، ستار هليو، اياز امر مهر، عبدالسلام ٿهيم وغيره. شامل آهن، جيڪي بهتر ريت شارٽ- شارٽ اسٽوري لکي رهيا آهن.سچ ته جديد دؤر جي تقاضائن مطابق شارٽ- شارٽ اسٽوري ادب ۽ سماج جي ضرورت آهي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *