شارڪ کان خوف کائڻ بدران پيار ڪندڙ ناري جو رڪارڊ

شارڪ کان خوف کائڻ بدران پيار ڪندڙ ناري جو رڪارڊ

واشنگٽن (انٽريسٽنگ نيوز) شارڪ سان غير معمولي محبت رکندڙ هڪ آمريڪي عورت پنهنجي جسم تي 106 شارڪ ٽيٽو ٺهرائي گنيز ورلڊ رڪارڊ جوڙي ورتو. مين رياست جي ايملي موريسن (جيڪا هڪ شارڪ بايولوجسٽ آهي ۽ هڪ شارڪ فوسل ڊائيونگ ٽور ڪمپني جي مالڪ آهي) کي مئي ۾ گنيز بڪ آف ورلڊ ريڪارڊز جسم تي سڀ کان وڌيڪ شارڪ ٽيٽو ٺهرائيندڙ عورت جو اعزاز ڏنو ويو. ايملي (جنهن کي شارڪ ليڊي ايملي جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو) چيو ته شارڪ ۾ سندس دلچسپي اٺن سالن جي عمر ۾ فلم ‘جاز’ ڏسڻ کان پوءِ شروع ٿي. بعد ۾ سندس پيءُ کيس لائبريري ۾ حقيقي شارڪ تي تحقيق ڪرڻ جي ترغيب ڏني، جنهن کان پوءِ سندس خوف شارڪ سان پيار ۾ تبديل ٿي ويو. هن چيو ته هن بهاماس ۾ ٽائيگر شارڪ ۽ عظيم هيمر هيڊ شارڪ کي کاڌو کارايو آهي، آسٽريليا ۾ عظيم سفيد شارڪ سان پنڃري ۾ ٽٻيون هنيون آهن، ۽ ميڪسيڪو جي ساحل تي وهيل شارڪ سان تري به آهي. ايملي موريسن جلد ئي ڊسڪوري چينل جي سالياني شارڪ هفتي جي خاص ‘مائي اسٽرينج شارڪ ايڊيڪشن’ ۾ نظر ايندي.