| شاعره ۽ تعليمدان آپا مريم مجيدي لاڏاڻو ڪري وئي، سوڳ |
سجاول(رپورٽ: رياض احمد) سنڌ جي ناليواري شاعره، اديبه، ليکڪا ۽ تعليمدان آپا مريم مجيدي لاڏاڻو ڪري وئي، سنڌ جي علمي، ادبي ۽ تعليمي حلقن ۾ سوڳ جي لهر پکڙجي وئي. خانداني ذريعن موجب آپا مريم مجيدي حيدرآباد جي هڪ نجي اسپتال ۾ 80 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي، جنازي نماز بعد سندس مڙھ کي سجاول ۾ اباڻي اسماعيل شاھ بخاري قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. آپا مريم مجيدي سنڌ جي مهان انقلابي ۽ مزاحمتي شاعر سائين محمد خان مجيدي جي نياڻي هئي، جنهن پنهنجي والد جي علمي ۽ ادبي ورثي کي نهايت سهڻي نموني اڳتي وڌايو. هوءَ شاعري، ڪالم نگاري ۽ ڪهاڻي نويسي ذريعي سنڌي ادب ۾ منفرد سڃاڻپ رکندڙ شخصيت هئي. سندس جنم 15 جون 1946ع تي ڳوٺ قيصر خان جتوئي لڳ جهوڪ شريف، تعلقو ميرپور بٺورو ۾ ٿيو۔ هن ابتدائي تعليم دڙو پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي، جڏهن ته وڌيڪ تعليم چانڊيا هاءِ اسڪول سجاول، سنڌ يونيورسٽي ۽ حيدرآباد جي تعليمي ادارن مان حاصل ڪئي۔ پاڻ M.A سنڌي ادب، B.Ed ۽ M.Ed جون ڊگريون پڻ حاصل ڪيائين. آپا مريم مجيدي ڪيترن ئي سالن تائين تدريسي شعبي سان وابسته رهي، خاص طور سنڌ جي نياڻين جي تعليم ۽ شعور جي واڌاري لاءِ اهم خدمتون سرانجام ڏنيون. سندس شاعري ۾ سنڌ جي مٽيءَ جي خوشبو، محبت، درد، قومي شعور ۽ سماجي اڻبرابري خلاف مزاحمت نمايان نظر ايندي هئي. مشهور ڪتابن ۾ “سروم دکم دکم” ۽ “نيرانا ئي نيڻ” شامل آهن، سندس شاعري جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. ادبي خدمتن عيوض کين ڪيترائي ادبي ايوارڊ پڻ مليا هئا. آپا مريم مجيدي جي لاڏاڻي تي صوبائی وزیر ثقافت و سياحت ذوالفقار علي شاھ، اڳوڻي سينيٽر سسئي پليجو ۽ سنڌي ادبي سنگت، قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي سميت ڪيترن ئي اديبن، شاعرن، صحافين ۽ سماجي اڳواڻن گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي۔ تعزيتي پيغامن ۾ چيو ويو آهي تہ آپا مريم مجيدي جو وڇوڙو سنڌي ادب ۽ تعليم جي دنيا لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي، جيڪو سدائين محسوس ڪيو ويندو۔ ٻئي پاسي سجاول ۾ سندس ڀاء ڊاڪٽر سھيل مجيدي سجاول تعزيت جو سلسلو جاري آهي.