| شاف چونڊن لاءِ بهتر ۽ مضبوط نظام جوڙيو وڃي: سراج الحق |
سکر (بيورو رپورٽ) جماعت اسلامي جي اڳوڻي امير سراج الحق چيو آهي ته اسان جو دشمن پاڪستان کي ٽوڙڻ ۽ ملڪ جي جاگرافي بدلائڻ چاهي ٿو، هي جنگ پاڪستاني عوام تي زبردستي مڙهي وئي آهي، افسوس جو حڪومت اهو ڪم نه پئي ڪري جيڪو ڪرڻ گهرجي، باگڙجي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته جماعت اسلامي سال جا 365 ڏينهن موجوده نظام خلاف احتجاج ڪندي رهي آهي. پهرين ڏينهن کان ئي اسان جو مطالبو رهيو آهي ته شفاف چونڊن لاءِ بهتر ۽ مضبوط نظام جوڙيو وڃي، جڏهن تحريڪ انصاف جي حڪومت قائم ٿي هئي، تڏهن به اسان جو مطالبو اهو ئي هو ته حڪومت ۽ اپوزيشن گڏجي شفاف چونڊ نظام تي اتفاق ڪن. ايترو وقت گذرڻ باوجود نه حڪومت ۽ نه ئي اپوزيشن ان نڪتي تي سنجيدگي سان ڳالهايو. احتجاج هر سياسي جماعت جو آئيني حق آهي، ڪنهن به پارٽي کي ان حق کان روڪي نٿو سگهجي. گل پلازه باهه ۾ ماڻهو نه پر پيپلزپارٽي جي سياست سڙي وئي آهي.