شام ۾ آمريڪي حملا ۽ داعش: پس منظر ۽ تجزيو….پروفيسر ڊاڪٽر منصور جتوئي

                 تازو امريڪي فوج شام ۾ وڏي سطح تي داعش جي خلاف حملو ڪيو آهي، جنهن کي “آپريشن Hawkeye Strike” جو نالو ڏنو ويو آهي. هن آپريشن ۾ آمريڪي جهازن، هيليڪاپٽرن ۽ راڪيٽ نظام سان گڏ ڪري 70 کان وڌيڪ داعش جا هدف، جهڙوڪ جنگجو، انفراسٽرڪچر ۽ هٿيارن جي تياريءَ وارن هنڌن کي نشانو بڻايو آهي۔ هي حملا ان ڪارروائي جي جواب ۾ ڪيا ويا، جڏهن 14 ڊسمبر 2025 تي شام جي تاريخي شهر پالميرا ويجهو هڪ داعش جي رڪن جي حملي ۾ ٻه آمريڪي فوجي ۽ هڪ سول مترجم مارجي ويا۔ آمريڪي صدر ۽ ٻين اڳواڻن واضح ڪيو آهي ته اهي ڪارروائيون داعش جي صلاحيتن کي گهٽائڻ ۽ خطي ۾ امن جو پيغام موڪلڻ لاءِ آهن۔

                 داعش اصل ۾ عراق ۽ شام ۾ هڪ وڏو علائقائي طاقت بڻيل ھئي ۽ آھي ڪيترين ئي وڏن شهرن تي ضابطو ڪندا پئي آيا، پر عالمي اتحاد جي فوجي ڪارروائي کانپوءِ داعش جي سگھ ۽ قبضي جو خاتمو ٿي چڪو آهي۔ پر اڃان تائين بہ

داعش وٽ خاموش “سلپَر سيلز” ۽ علحده گروهه طور ڪم ڪرڻ جي صلاحيت آهي۔شام جي سرحدي علائقن ۾ ان جا جنگجو آزادي سان ھلندا رھندا آهن. اھا جدا ڳالهه آهي ته داعش منظم ڪنٽرول وڃائي چڪو آهي پر اڃان تائين ان جو جهادي نيٽورڪ ۽ گوريلا جنگجو موجود آهن، جيڪو خطي جي غير مستحڪم صورتحال مان فائدو وٺندا رھن ٿا۔ آمريڪي حملا جاري رھيا ته اھي داعش جي صلاحيتن کي نقصان پهچائي سگهن ٿا. آمريڪا داعش جي سرگرمين کي عارضي طور تي روڪي سگهي ٿو ۽ انهن جي هٿيارن جي ذخيري کي گهٽائي سگهي ٿو۔ داعش جهڙي وڏي منظم گروهه کي پوري طرح ختم ڪرڻ لاءِ صرف فضائي حملا ڪافي ناهن، ڇو ته اهي گروهه عام طور تي غير سرڪاري پناهه گاهن ۽ مختلف علائقن ۾ لڪل رهن ٿا۔ ان ڪري مقامي ۽ علائقائي حڪومتي ادارن، ۽ سيڪيورٽي فورسز جي گڏيل ڪوششن سان ئي حقيقت ۾ هنن گروهن کي ختم ڪري سگهجي ٿو۔

داعش جو اثر ايران افغانستان ۽ پاڪستان ۾ پڻ آھي. انھن ملڪن کي پڻ داعش مان خطرو آهي. ايران ۾ داعش جي سرگرمين جو خطرو عام طور تي اترين ۽ افغانستان سان سرحدي علائقن ۾ ڏٺو ويو آهي، جتي داعش خراسان (ISIS-K) جي سرگرمين جو امڪان موجود آهي۔ ايران جا سيڪيورٽي ادارا گهڻو ڪري پنهنجو ڌيان اندروني سلامتي ۽ سرحد پار جي خطرن تي ڏيندا آهن، جتي داعش خراسان ڪڏهن ڪڏهن حملن جو سبب بڻجي سگهي ٿو۔

داعش جي هڪ اهم شاخ داعش – خراسان صوبو (ISKP / ISIS-K) آهي، جيڪا 2015 ۾ افغانستان ۽ پاڪستان واري علائقي ۾ قائم ٿي ۽ ان جو مقصد آهي خطي ۾ پنهنجو سخت اسلامي حڪمراني جو نظام قائم ڪرڻ۔ افغانستان ۾ داعش خراسان خودڪش حملن ۽ ڌماڪن جو ذميوار رهيو آهي، جنهن ۾ مذهبي ۽ سياسي هدف شامل آهن۔ طالبان حڪومت دعويٰ ڪري ٿي ته انهن ISIS-K کي ختم ڪيو آهي، پر بين الاقوامي مبصرن جو چوڻ آهي ته هي گروپ اڃا سرگرم آهي ۽ خطري جو اھڃاڻ بڻيل آهي۔

پاڪستان ۾ ISIS-K ۽ ٻيا ويڙهاڪ گروهه، موجود آهن.

اھي دھشتگرد گروه ڪراچي، اتر وزيرستان ۽ بلوچستان ۾ ڌماڪن، حملن ۽ سيڪيورٽي فورسز تي حملن ۾ ملوث آهن.

پاڪستاني ادارن موجب ISIS-K جو نيٽورڪ اڃان تائين  ملڪي سيڪيورٽي لاءِ خطرو بڻيل آهي، پر ان جي صلاحيت پاڪستان جي رياست کي چيلينج ڪرڻ جي حد تائين مضبوط ناهي۔ تازو ئي پاڪستاني انٽيليجنس ISIS-K جي هڪ ترجمان کي گرفتار ڪيو آهي۔

آمريڪا جو شام ۾ داعش تي ڪيل حملو هڪ  سخت جواب جي صورت ۾ ڏٺو وڃي ٿو، جنهن جو مقصد داعش جي صلاحيتن کي گهٽائڻ ۽ هڪ مضبوط پيغام موڪلڻ آهي۔ پر اهو مڪمل طور تي داعش جي نيٽورڪ کي ختم نه ڪندو، ڇو ته هي تنظيم غير مرڪزي ۽ ڀاڱيدار گروهن ۾ ورهايل آهي۔

علائقائي منظرنامي ۾، ISIS-K جهڙن گروهن جي موجودگي ايران، افغانستان ۽ پاڪستان جهڙن ملڪن لاءِ اڃا به هڪ سيڪيورٽي چيلينج آهي، جنهن سان مقابلو صرف هڪ ملڪ يا فوجي ڪارروائي سان نٿو ٿي سگهي؛ پر مضبوط حڪومتي پاليسين، معاشرتي استحڪام ۽ بين الاقوامي تعاون جي ضرورت آهي۔