شاندار سينچري: سريلنڪن بيٽر سمارا وڪرما بابر جو مداح نڪري پيو

شاندار سينچري: سريلنڪن بيٽر سمارا وڪرما بابر جو مداح نڪري پيو

راولپنڊي (اسپورٽس نيوز) سريلنڪن بيٽر سڌيرا سماراوڪرما چيو ته “مان بابر اعظم جو وڏو مداح آهيان، هن شاندار سنچري ٺاهي.” سماراوڪرما  2019 ۾ پڻ پاڪستان ۾ آيو سندس چوڻ هو  ته  پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ ۾ وڏو مزو اچي ٿو. پريس ڪانفرنس ڪندي هن وڌيڪ چيو ته سڪيورٽي انتظام تمام بهترين هئا اسان محفوظ ماحول ۾ ڪرڪيٽ کيڏي سماراوڪرما وڌيڪ چيو ته “ميچ جي پهرين اڌ ۾ وڪيٽ اسپنرز لاءِ وڌيڪ فائديمند هئي، جڏهن ته ابرار احمد ۽ نواز  سٺي بالنگ ڪئي.” پر هن اها به ڳالهه تسليم ڪئي ته “بدقسمتي سان اسان ڪيچ ڊراپ ڪيا، جنهن سبب اسان ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام وياسين غلطين سبب اها ميچ هٿ کان نڪري وئي.