| شان مسعود ٽيسٽ ڪپتان برقرار، سرفراز احمد هيڊ ڪوچ مقرر |
لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پاران شان مسعود کي ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اڳوڻو ڪپتان سرفراز احمد هيڊ ڪوچ جون ذميواريون سنڀاليندو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ بنگلاديش سان سيريز جي شيڊول جي اعلان کانپوءِ ڪپتان ۽ هيڊ ڪوچ جو باضابطه اعلان ڪندو. ذريعن موجب، سرفراز احمد، اظهر محمود جي جڳهه تي پهريون ڀيرو هيڊ ڪوچ جو عهدو سنڀاليندو؛ هو هن وقت قومي سليڪٽر پڻ آهي. ٻئي طرف شان مسعود اڳ ئي قيادت جون ذميواريون نڀائي رهيو آهي. امڪاني طور تي پاڪستاني ٽيم بنگلاديش، ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ خلاف ٽي ٽيسٽ سيريز کيڏندي. آڪٽوبر ۾ پاڪستان آخري ٽيسٽ سيريز ڏکڻ آفريڪا خلاف کيڏي هئي، جيڪا هڪ هڪ تان برابر ٿي هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته شان مسعود کي ڪپتان برقرار رکي “مستقل مزاجي” جي پاليسي تي عمل ڪيو ويندو. هن وقت وائيٽ بال (ون وي ۽ ٽي-20) جو هيڊ ڪوچ نيوزيلينڊ جو مائيڪ هيسن آهي، جڏهن ته ون ڊي جي ڪپتاني شاهين شاهه آفريدي ۽ ٽي-20 جي ڪپتاني سلمان علي آغا وٽ آهي. سرفراز احمد جي نگرانيءَ ۾ هن وقت لاهور جي نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ ريڊ بال ڪيمپ لڳل آهي، جنهن ۾ قومي اڪيڊمي جا ڪوچز پڻ شامل آهن.