اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) حڪومتي اتحادي جماعتن جي سربراهن جو اجلاس، نگران وزيراعظم جي نالن تي مشاورت جاري آهي، اتحادين وزيراعظم کي نگران وزيراعظم نامزد ڪرڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وڊيو لنڪ تي اجلاس ٿيو جنهن ۾ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، بي اين پي سربراهه اختر مينگل، آفتاب شير پائو، شاهه زين بگٽي، خالد مقبول، محسن داوڙ ۽ ٻيا شريڪ ٿيا
ذريعن موجب اجلاس ۾ نگران وزيراعظم جي نالن تي مشاورت ڪئي وئي، نگران سيٽ اپ جي حوالي سان اهم فيصلا سامهون اچڻ جو امڪان آهي
ذريعن موجب نگران وزيراعظم لاءِ اڳوڻي وفاقي وزير حفيظ شيخ، شاهد خاقان عباسي، اسلم ڀوتاڻي ۽ فواد حسن فواد سميت ٻين نالن تي غور ڪيو پيو وڃي
نگران سيٽ اپ تي مشاورت ٻن ڏينهن تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي، ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف پي ڊي ايم ۽ اتحادي جماعتن کي اعتماد ۾ پڻ وٺندو
ذريعن موجب اتحادين وزيراعظم شهباز شريف کي نگران وزيراعظم جو نالو فائنل ڪرڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو آهي، ذريعن موجب اتحادين پاران چيو ويو ته وزيراعظم جنهن کي مناسب سمجهي نگران وزيراعظم نامزد ڪري ۽ ان حوالي سان اپوزيشن ليڊر سان 3 نالن تي غور ڪيو وڃي
ذريعن موجب شاهد خاقان جو نالو جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان پاران ڏنو ويو، هڪ اتحادي جماعت حفيظ شيخ جو نالو تجويز ڪيو، نواز ليگ پاران فواد حسن فواد جو نالو ڏنو ويو
ذريعن موجب وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن اتحادي جماعت مان وڌيڪ نالا ڪير ڏيڻ چاهي ٿو ته اهو ڏئي سگهي ٿو، هي اڃا پهريون مشاورتي اجلاس آهي، ايندڙ اجلاس ۾ نالا فائنل ڪيا ويندا
وزيراعظم شهباز شريف 9 آگسٽ تي قومي اسيمبلي ٽوڙڻ جي تاريخ ڏئي چڪو آهي، نگران وزيراعظم لاءِ پي ڊي ايم ۽ اتحادي جماعتن سان مشاورت اڃا جاري رهندي