شاهد خاقان خلاف ڪرپشن ريفرنس واپس: شرجيل خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي ملتوي

مَي 30, 2023

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين خلاف ڪرپشن ريفرنس واپس نيب ڏانهن اماڻي ڇڏيو ، شاهد خاقان چيو ته آئون ته چوان ٿو هي ڪيس هلايو

احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي دوران شاهد خاقان عباسي پيش ٿيو، عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي چيو ته نيب قانون ۾ ترميمن بعد ڪرپشن ريفرنس نيب اختيارن جي دائري ۾  نه ٿو اچي

شاهد خاقان ۽ ٻين جي وڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته جوابدارن تي 50 ڪروڙ رپين کان گهٽ ڪرپشن جا الزام آهن نيب آرڊيننس ۾ ترميم کانپوءِ هي ريفرنس نيب جي اختيار واري دائري ۾ نه ٿو اچي

شاهد خاقان عباسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هي ڪيس ڪرپشن جو نه پر اختيارن جي غلط استعمال جو هو، هن ڪيس سبب جيڪي ماڻهو متاثر ٿيا انهن جو ازالو ڪير ڪندو؟

هن چيو ته عدالت هي ڪيس نيب ڏانهن واپس اماڻيو آهي مان چوان ٿو ته هي ڪيس هلايو ۽ ماڻهن کي ٻڌايو ته هنن ڪيسن ۾ ڇا آهي؟

شاهد خاقان عباسي چيو ته نيب ۽ نيب جي چيئرمين کي اهڙن ڪيسن تي متاثرين کان معافي وٺڻ گهرجي

ٻئي طرف احتساب عدالت ڪراچي ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ خلاف اطلاعات کاتي ۾ ڪرپشن ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن وارن ريفرنسز تي ٻڌڻي ٿي

اطلاعات کاتي ۾ پوڻا 6 ارب جي ڪرپشن واري ريفرنس جي ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر عدالت ۾ پيش نه ٿيو

نيب پراسيڪيوٽر چيو ته چيئرمين نيب ڪيسن جي حوالي سان جاچ آفيسرن کي ملاقات لاءِ طلب ڪري ورتو آهي،  ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيندو

آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس ۾ پراسيڪيوشن ترميمي چارج شيٽ داخل ڪرڻ لاءِ ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي استدعا ڪئي

عدالت ٻنهي ريفرنس جي ٻڌڻي 13 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي

ڪرپشن ڪيس ۾ ملوث صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، ڊائريڪٽر يوسف ڪابورو، سارنگ چانڊيو ۽ ٻيا جوابدار ضمانت تي آزاد آھن

Leave A Comment