| شاهنواز ڪنڀر جهڙا واقعا سماج لاءِ ڳڻتي جوڳا آهن، اسلام لاش ساڙڻ جي اجازت ڪٿي ٿو ڏئي؟ سپريم ڪورٽ |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري عمرڪوٽ ۾ پوليس مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيل ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي لاش کي ساڙڻ وارو ڪيس ۾ جوابدار جي ضمانت واري درخواست خارج ڪري ڇڏي, جوابدار جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ تي بعد عدالت احمد شاهاڻي جي ضمانت واري درخواست تي ٽرائل ڪورٽ کي ٽن مهينن اندر فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ياد رهي ته جوابدار جون ٽرائل ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ضمانتون رد ڪيون هيون, لاش ساڙڻ واري ڪيس ۾ ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جو وڪيل مير احمد مڱريو ويڊيو لنڪ ذريعي پيش ٿيو, وڪيل چيو ته احمد شاهاڻي پوليس کان لاش ڦر ي ماڻهن کي ڀڙڪائي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، جيڪو عدالت کان مٿانهون عمل هو، ٻڌڻي دوران عدالت ريماڪس ڏيندي چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جهڙا واقعا معاشري لاءِ ڳڻتي جوڳا آهن، اهڙي واقعي تي جوابدار کي ڪيئن ضمانت ڏئي سگهجي ٿي؟ ڪيس ۾ ضمانت نه ٿي ٺهي، اسلام ۽ قانون ۾ ڪٿي لکيل آهي ته لاش ساڙيو؟