| شاهنواز ڪنڀر قتل ڪيس جي فريادين تي حملي جي جاچ لاءِ ڪاميٽي قائم: رپورٽ طلب |
عمرڪوٽ(رپورٽر) ڊاڪٽر شاھنواز قتل ڪيس جي فريادي ۽ وڪيل محمد ابراھيم ڪنڀر ۽ اعجاز علي ھاليپوٽو تي مبينا حملي ۽ فائرنگ ڪرڻ بابت ايس ايس پي عمرڪوٽ جاچ لاءِ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي، تفصيل موجب ٻه ڏينھن پھرين ميرپورخاص جي عدالت ۾ ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر قتل ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ ويندڙ سندس وڪيلن ايڊووڪيٽ محمد ابراھيم ڪنڀار ۽ ايڊووڪيٽ اعجاز احمد ھاليپوٽو تي مبينا طور صوفي فقير لڳ ٽن ھٿياربند موٽر سائيڪل سوار جوابدارن فائرنگ ڪئي، پر اھي معجزاڻي طور محفوظ رھيا اھڙي واقعي جو ايس ايس پي عمرڪوٽ سخت نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي سامارو اقبال منگريو تي ٻڌل پنج رڪني جاچ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آھي ۽ ھدايت ڪئي آھي ته پنج ڏينھن اندر معاملي جي جاچ ڪري تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ جاچ ڪاميٽي جو ھيڊ ڊي ايس پي اقبال منگريو ۽ ميمبر طور ايس ايچ او مقصود احمد چنا، محمد انوار قائمخاني، احمد بخش راھمون ۽ الھڏنو خاصخيلي کي ميمبر طور مقرر ڪيو ويو آھي، ڪاميٽي ان سلسلي ۾ معلومات گڏ ڪرڻ ۽ جاچ ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آھي.