| شاهنواز ڪنڀر قتل ڪيس ۾ ايس ايس پي جي ملڪيت ضبط ڪرڻ لاءِ مهلت طلب |
ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ۾ پوليس ھٿان جعلي مقابلي ۾ مارجي ويل عمرڪوٽ واسي ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر قتل ڪيس جي ٻڌڻي دھشتگردي توڙ عدالت ۾ ٿي، جنهن ۾ 23 نامزد جوابدارن مان عبوري ضمانت تي آزاد ٿيل 12 ڄڻا پير عمرجان سرھندي. اڳوڻو ايس ايس عمرڪوٽ آصف رضا بلوچ، اڳوڻو سي آء اي انچارج عنايت زرداري، اڳوڻو ايس ايچ او سنڌڙي نياز احمد کھوسو، اڳوڻو ڊي آء بي انچارج دانش ڀٽي، اڳوڻو ميڊيڪو ليگل آفيسر سول اسپتال ڊاڪٽر منتظر مھدي، پوليس اهلڪار امان الله، معشوق، شاھ محمد، نواب علي، عارف علي سميت 6 گرفتار جوابدار اڳوڻو سب انسپيڪٽر سي آء اي ھدايت الله ناريجو، پوليس اهلڪار نادر پرويز، غلام قادر، فرمان، عطا الله ۽ الله جڙيو عدالت آڏو پيش ٿيا، ان موقعي تي عدالت سڳوري اشتھاري جوابدار ڄاڻايل ميرپورخاص جي اڳوڻي ايس ايس پي اسد علي چوڌري جون ملڪيتون ضبط ڪرڻ بابت ايف آءِ اي عملدارن کان پڇا ڳاڇا ڪئي، جنھن تي ايف آءِ اي پاران عدالت کي آگاھي ڏني وئي تھ اشتھاري جوابدار جي ملڪيتن جا تفصيل لاڳاپيل کاتن کان ناھي ملي سگھيا، ان ڪري کين وڌيڪ وقت ڏنو وڃي. ان بعد عدالت سڳوري ايندڙ ٻڌڻي 23 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت ٻاهران ڳالهائيندي فريادي ايڊووڪيٽ ابراهيم ڪنڀر چيو ته عدالت سڳوري ۾ جوابدار ڌر جي وڪيل ڪامران ڀٽي عدالت کي استدعا ڪئي ته ڊاڪٽر شاھنواز قتل ڪيس دهشتگري ٽوڙ عدالت مان سيشن ڪورٽ ڏانھن منتقل ڪرڻ بابت چئيلج ٿيل آهي، جنهن سبب جوابدارن جا عبوري ضمانتن بابت دليل سنڌ هاء سرڪٽ جي ٻڌڻي کانپوء مقرر ڪيا وڃن. ھن اھو پڻ ٻڌايو تھ ايف آء اي پاران عدالت کي آگاهي ڏني وئي تھ اڳوڻي ايس ايس اسد علي خلاف مسلسل عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ تي سندس خلاف سيڪشن 88 تحت ڪارروائي ڪرڻ لاء سندس ملڪيت جا تفصيل لاگاپيل کاتن کان ناهن ملي سگهيا، جنهن ڪري ايف آء اي عدالت کان وڌيڪ وقت گهري ورتو آھي.