چوھڙجمالي ( ن پ و) سمنڊ ۾ چاڙهه سبب شاهه بندر جا 20 ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا، رليف ڪيمپن ۾ رهندڙ سهولتون نه هجڻ سبب سخت ڏکيائين جو شڪار آهن
سامونڊي طوفان سنڌ جي ويجهو پهچڻ سان ان جا اثر ويتر تيز ٿيندا پيا وڃن، سمنڊ جي ڇوليون وڌيڪ بلند ٿيڻ سبب شاهه بندر جي 20 ڳوٺن م پاڻي داخل ٿي ويو آهي
ٻئي پاسي رليف ڪيمپن م منتقل ڪيل ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته اسان کي ڳوٺن مان هتي آڻي ترسايو ته ويو آهي پر ڪيمپن ۾ ڪي به سهولتون نه آهن نه پيئڻ جو پاڻي پيو ملي ۽ نه وري کاڌو پيو ڏنو پيو وڇي
رليف ڪيمپن ۾ ترسيلن وس وارن کان فوري طور سهولتون فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي