شاهه رخ، اجي ديوگن ۽ ٽائيگر شيروف کي نوٽيس

شاهه رخ، اجي ديوگن ۽ ٽائيگر شيروف کي نوٽيس

ڪراچي(ڪلچرل ڊيسڪ) ڀارتي رياست مهاراشٽر جي فوڊ اينڊ ڊرگ ايڊمنسٽريشن (FDA) الائچي (ڦو ٽا)  جي مصنوعات لاءِ برانڊ ايمبسڊر طور پيش ٿيڻ تي بالي ووڊ جي اداڪارن شاهه رخ خان، اجي ديوگن ۽ ٽائيف شيروف کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي. ايف ڊي اي جو چوڻ آهي ته فوڊ سيفٽي اينڊ اسٽينڊرڊز ايڪٽ 2006 تحت اهو اشتهار ظاهري طور تي الائچي جو لڳي ٿو پر اهو مهاراشٽر ۾ پابندي پيل پان مصالحي جي پرچار ڪري ٿو. ٽنهي اداڪارن کي 15 ڏينهن اندر تحريري جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اداڪارن کي انهي مهم جي پروموشن روڪڻ ۽ پنهنجن سوشل ميڊيا اڪائونٽس تان لاڳاپيل مواد هٽائڻ جو حڪم ڏنو آهي.