ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جي 23 ورهين جي ڌيءُ سهانا خان 12 ڪروڙ جي زرعي زمين خريد ڪري ورتي آهي
ڀارتي ميڊيا موجب شاهه رخ خان جيڪو اڳ ۾ ئي مهانگي ترين گهر، گاڏين ۽ اثاثن جو مالڪ آهي هاڻ سندس ڌيءُ سهانا خان به 12 ڪروڙ ڀارتي رپين عيوض زرعي زمين خريد ڪئي آهي
سهانا خان اها زمين هڪ ڳوٺ ۾ خريد ڪئي جنهن تي 1218 ايڪڙ چورس فوٽ تائين تعميراتي ڪم پڻ ٿيل آهي
بالي ووڊ ڪنگ جي ڪڪي جائيداد جي خريداري تي ايندڙ 77 لک ٽيڪس پڻ ادا ڪيو آهي سهانا خان اها زمين ٽن ڀينرن کان خريد ڪئي آهي جنکي اها زمين وراثت ۾ ملي هئي
ڀارتي ميڊيا موجب پراپرٽي جي رجسٽريشن وي يو فارم پي ٽي وي لميٽيڊ جي نالي سان ٿي آهي، واضح رهي ته سهانا خان اداڪاري ۾ پنهنجو ڊيبيو ڪرڻ لاءِ تيار آهي هن دي آرچيز نالي فلم ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا آهن