شاهه رخ خان ۽ فلمساز فرح خان ممبئي ۾ گهر خريد ڪرڻ ۾ مدد ڪئي هئي: شرياس تلپڙي جو انڪشاف

ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي اداڪار شرياس تلپڙي انڪشاف ڪيو آهي ته سپر اسٽار شاهه رخ خان ۽ فلمساز فرح خان ممبئي ۾ گهر خريد ڪرڻ لاءِ سندس مدد ڪئي هئي. پرڏيهي ميڊيا موجب، فلمساز ۽ ڪوريوگرافر فرح خان سان
ڳالهه ٻولهه دوران شرياس چيو ته هو ”اُوم شانتي اُوم“  ذريعي پنهنجو پهريون گهر خريد ڪرڻ جي لائق ٿيو. سندس چوڻ هو ته جڏهن هو گهر لاءِ قرض وٺڻ خاطر بينڪ ويو ته شروعاتي طور تي قرض حاصل ڪرڻ جي اهليت نه رکندو هو. شرياس موجب بئنڪ ۾ موجود هڪ عورت کانئس پڇيو ته هو ڪهڙي فلم ۾ ڪم ڪري رهيو آهي؟ جنهن ٿي مون کيس ”اوم شانتي اوم“ بابت ٻڌايو. هن چيو ته عورت وڌيڪ پڇيو ته فلم جو هيرو ۽ هدايتڪار ڪير آهن؟  مون جواب ڏنو ته فلم جو هيرو شاهه رخ خان ۽ هدايتڪار فرح خان آهن، بينڪ آفيسر کانئس تصديقي خط گهريو، مون فرح خان سان رابطو ڪيو. فرح خان ٻن ڏينهن اندر شاهه رخ خان کان تصديقي خط وٺي ڏنو واضح رهي ته اوم شانتي اوم ٻه هزار ست ۾ رليز ٿي هئي،