شاهه رخ “دردِ ڊسڪو” ڳائڻ جي آڇ ڪئي هئي: علي ظفر 

شاهه رخ “دردِ ڊسڪو” ڳائڻ جي آڇ ڪئي هئي: علي ظفر 

ڪراچي (ڪلچرل ڊيسڪ) عالمي شهرت يافته پاڪستاني گلوڪار علي ظفر بالي ووڊ سپراسٽار شاهه رخ خان بابت حيران ڪندڙ انڪشاف ڪيو آهي. تازي انٽرويو ۾ هن چيو ته  بالي ووڊ جي ڪنگ خان کيس پنهنجي فلم ۾ گانو ڳائڻ لاءِ چيو هو. علي ظفر شاهه رخ خان جي تعريف ڪندي چيو ته “هو هڪ دلڪش ۽ کليل دل وارو انسان آهي، هن منهنجو مشهور گانو ‘سڻ ري سجنيا’ ٻڌو هو. شاهه رخ خان چاهيو پئي ته آئون سندس فلم لاءِ  هڪ گانو ‘دردِ ڊسڪو’ ڳايان.”هن چيو ته آئون ان وقت هندستان ۾ موجود نه هئس، وقت نه ملڻ ڪري اهو گانو نه ڪري سگهيس. ياد رهي ته ‘دردِ ڊسڪو’ شاهه رخ خان جي فلم ‘اوم شانتي اوم’ جو گانو آهي. هي فلم 2007 ۾ رليز ٿي هئي جيڪا  هٽ ثابت ٿي، انهي گاني کي هندستاني گلوڪار سکويندر سنگهه ڳايو هو.