| شاهه رخ ڪاجل ۽ ٽوئنڪل جي شو ۾ ڇو نه آيو ؟ |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان اداڪاره ڪاجل ۽ ٽوئنڪل کنا جي شو ‘ٽو مچ’ ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو سبب ٻڌايو. بالي ووڊ جون مشهور اداڪارائون ڪاجل ۽ ٽوئنڪل کنا ڪجهه مهينن کان ٽاڪ شو ‘ٽو مچ’ جي ميزباني ڪري رهيون آهن. هن وقت تائين سلمان خان، عامر خان، ڪرن جوهر، عاليه ڀٽ، جهانوي ڪپور، ڪيرتي سينن سميت بالي ووڊ جون ڪيتريون شخصيتون شو ۾حصو وٺي چڪيون آهن، شاهه رخ جا مداح پريشان هئا ته شاهه رخ اڃا تائين ٽوئنڪل ۽ ڪاجل جي شو ۾ ڇو ناهي آيو ؟ تازو شاهه رخ بي بي سي ايشين نيٽ ورڪ سان ڳالهه ٻولهه دوران چيو ته ‘مون کي ڪاجل ۽ ٽوئنڪل کنا جي شو ۾ دعوت ڏني وئي هئي، مون ڪاجل کي ٻڌايو هو ته آئون هن وقت هڪ فلم جي شوٽنگ ۾ مصروف آهيان، مون ڏنڊ طورشو جون سموريون قسطون ڏٺيون آهن.