شاهه رخ ۽ دپيڪا جي “ڪنگ” جو رومانوي گانو ليڪ

شاهه رخ ۽ دپيڪا جي “ڪنگ” جو رومانوي گانو ليڪ

ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ڪنگ خان  شاهه رخ ۽ دپيڪا پوڊڪون جي فلم ‘ڪنگ’ جو رومانوي گانو ليڪ ٿي ويو، ‘ڪنگ’ کي 2026ع جي سڀ کان وڌيڪ اوسيئڙي هيٺ فلمن مان هڪ سمجهيو پيو وڃي. تازو 38 سيڪنڊن جو هڪ وڊيو ڪلپ وائرل ٿيو، جنهن ۾ شاهه رخ خان ۽ دپيڪا پوڊڪون برساتي منظر ۾ پيار ڀريا گيت ڳائيندي ۽ رومانوي انداز ۾ نظر آيا، ڀارتي ميڊيا موجب، اها وڊيو ڪلپ ‘ڪنگ’ جي ناهي پر ان کي اي آءِ (آرٽيفيشل انٽيليجنس) جي مدد سان ٺاهيو ويو آهي.