شاهه عبداللطيف يونيورسٽي دنيا سطح تي مڃتا ماڻي ورتي

جُون 23, 2025

خيرپور (پنهنجي ڊيسڪ) شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور دنيا جي سطح تي مڃتا حاصل ڪري ورتي. دي امپيڪٽ رينڪنگز 2025 ۾ شاھ عبدالطيف يونيورسٽي هڪ شاندار ڪاميابي ماڻي آهي جتي هن ٽائيمز هائير ايجوڪيشن دي امپيڪٽ رينڪنگز 2025 ۾ جاءِ والاري آهي جيڪا دنيا جي يونيورسٽين جي گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جي حدفن لاءِ ڪيل ڪوششن تي مبني هڪ عالمي جائزو آهي.

120 ملڪن مان 2,526 يونيورسٽين جي وچ ۾ ۾ يونيورسٽي پاڪستان ۾ 63 هين نمبر تي ۽ عالمي سطح تي 1,501+ يونيورسٽين ۾ شامل ڪئي وئي آهي.

هيءَ سڃاڻپ يونيورسٽي جي تعليم، تحقيق ۽ پائيدار عملن ذريعي عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ واري وابستگي کي ظاهر ڪري ٿي جن ۾ غربت جو خاتمو، معياري تعليم، سٺي صحت ۽ ڀلائي، صاف پاڻي ۽ صفائي، صنفي برابري، اڻ برابرين جو خاتمو، امن ۽ انصاف، باعزت روزگار ۽ اقتصادي واڌاري، صنعت ۽ جدت، ۽ گڏيل مقصدن لاءِ ڀائيواري شامل آھي.

هي ڪاميابي يونيورسٽي جي شموليت تي ٻڌل تعليم، پائيدار ترقي، ۽ عالمي علمي سٺائي لاءِ وابستگي جو ثبوت آهي.

هي ڪاميابي يونيورسٽي جي انتظاميا، استادن، شاگردن ۽ ڪوالٽي اينهانسمينٽ سيل جي گڏيل ڪوششن جو نتيجو آهي.

ان موقعي تي ڪوالٽي انھانسمينٽ سيل جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر ارم راڻي وائيس چانسلر ميريٽوريس پروفيسر ڊاڪٽر يوسف خشڪ جي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته سندس رھنمائي ۾ يونيورسٽي جي قومي ۽ عالمي درجه بندي کي بهتر بڻائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو

ھن چيو آهي ته وائيس چانسلر جي دور انديش رهبري هيٺ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي جي معياري تعليم ۽ تحقيق ۾ پنهنجو معيار وڌيڪ بلند ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

ھن وڌيڪ چيو ته يونيورسٽي ايندڙ سالن ۾ جدت، برابري ۽ عالمي علمي قيادت جي واڌاري لاءِ پرعزم رهندي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • وزيراعليٰ هائوس ڏانهن مارچ ڪندڙ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوار يرغمال

  • مورو جا ڳوٺاڻا بازياب، ڀنگ ڀرڻ جا چوٻول

  • مٽياري ڀرسان فصل مان ڳوٺاڻي جو لاش هٿ

  • چمبڙ ويجهو ٻارڙو پاڻي جي ٽانڪي ۾ ٻڏي فوت