شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو يومِ ولادت ملهايو ويو

شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو يومِ ولادت ملهايو ويو

بلڙي شاهه ڪريم (ن پ ا) حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو 503هون جشن ولادت عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، ان ڏس ۾ بلڙي شاه ڪريم ۾ لاکيڻي لطيف جي تڙ ڏاڏي، عظيم صوفي بزرگ حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو 503 هون جشنِ ولادت انتهائي عقيدت، احترام ۽ روحاني جوش سان ملهايو ويو، ان موقعي تي درگاهه جي احاطي ۾ روح پرور محفلون، راڳ رنگ جون تقريبون منعقد ڪيون ويون، جشن ولادت جي موقعي تي درگاهه شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي قائم مقام گادي نشين سيد غلام مصطفيٰ شاهه ۽ درگاهه شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جي قائم مقام گادي نشين سيد اسد شاهه ڪاظمي درگاهه تي حاضري ڀري چادر چاڙهي، عالم انسانيت سميت ملڪ جي خوشحالي، امن، سلامتي ۽ ترقي لاءِ دعا گهري، درگاهه جي احاطي ۾ تنبور جي تار سان شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جون وائيون، بيت ۽ راڳ پيش ڪيا ويا، ان موقعي تي جشن ولادت جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو، جشن جي سلسلي ۾ درگاهه جي احاطي ۾ راڳ رنگ جي محفل جو پڻ آغاز ڪيو ويو، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ عقيدتمندن، شاعرن، راڳين ۽ صوفي فڪر سان وابسته ماڻهن شرڪت ڪئي.