| شاهه غلام قادر کي آزاد ڪشمير جو وزيراعظم نامزد ڪرڻ تي غور |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ ن جي پارلياماني پارٽي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي. پاڪستان مسلم ليگ (ن) آزاد ڪشمير جي پارلياماني پارٽي جي اهم اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ مسلم ليگ ن پاران شاهه غلام قادر کي آزاد ڪشمير جو وزيراعظم اميدوار نامزد ڪرڻ تي غور ڪيو ويو. شاهه غلام قادر هن وقت مسلم ليگ ن آزاد ڄمون ڪشمير جو صدر پڻ آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف اجلاس ۾ چيو ته شاهه غلام قادر سٺو انسان آهي، هن محنت ڪئي ۽ الله تعاليٰ کيس ڪاميابي عطا ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز شريف، اڳوڻي وڏي وزير حمزه شهباز، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سميت وفاقي ۽ پارٽي قيادت شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مسلم ليگ ن آزاد ڄمون ڪشمير جي صدر شاهه غلام قادر، اڳوڻي وزيراعظم آزاد ڪشمير راجا فاروق حيدر خان ۽ آزاد ڪشمير اسيمبلي جا نوان چونڊيل ميمبر پڻ موجود هئا. اجلاس دوران پارٽي جي ايندڙ حڪمت عملي، آزاد ڪشمير ۾ عوامي خدمت ۽ ترقي جي سفر کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.